آستانه – 04 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ??نگهائي تعاون تنظيم خطي جي عوام جي سماجي ۽ معاشي ترقي جي لا??ِ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي، اسان جا چئلينجز گڏيل آهن، گڏجي ترقي ۽ خوشحالي جي لا??ِ ڪم ڪرڻو آهي، ايس سي او ترقياتي منصوبن جي لا??ِ متبادل فنڊنگ جو طريقيڪار جوڙي، افغانستان ۾ پائيدار امن اسان جو گڏيل هدف آهي، افغانستان دهشتگردي جي خلاف موثر قدم کڻي ته ??يئن ان جي سرزمين ڪنهن ٻئي ملڪ جي خلاف استعمال نه ٿئي، رياستي دهشتگردي جي مذمت ڪئي وڃي، غزه ۾ انسانيت سوز ظلم جاري آهن، ايس سي او فلسطين جي صورتحال تي آواز اٿاري، پاڪستان ايس سي او کي متحرڪ تنظيم بڻائڻ ۽ هدف حاصل ڪرڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندو. اهڙن خيالن ج?? اظهار هن شنگهائي تعاون تنظيم جي ڪائونسل جي سربراهي اجلاس کي خطاب ۾ ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته ??وهان سان مخاطب ٿي خوشي ٿي رهي آهي، آستانه هڪ خو??صو??ت شهر آهي، بهترين مهمانداري تي ٿورائتا آهيون. گذريل هڪ سال کان ايس سي او جي چيئر جي حيثيت سان قازقستان بهترين ڪردار ادا ڪيو. ايندڙ سال 25 – 2024ع جي لا??ِ صدر شي جن پنگ کي ايس سي او جي چيئرمين شپ ملڻ تي مبارڪباد پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته ??يس سي او خطي جي عوام جي سماجي ۽ معاشي ترقي جي لا??ِ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. وزيراعظم چيو ته ??سان چئلينجز گڏيل آهن، اسان کي گڏجي ترقي ۽ خوشحالي جي لا??ِ ڪم ڪرڻو آهي، خطي جي روشن مستقبل جي لا??ِ اسان کي جاگرافيائي سياسي ڇڪتاڻ کان پاڻ کي آزاد ڪرڻو پوندو. موثر ٽرانسپورٽ لنگهن ۽ قابل اعتماد سپلائي چين جي ذريعي خطي ۾ رابطي کي وڌائڻ گهرجي. پاڪستان پنهنجي جاگرافيائي بيهڪ جي لحاظ کان واپار جي اهم گذرگاهه آهي. سي پيڪ جي ذريعي ايس سي او جي علائقائي رابطي جي ويزن تحت ترقي ۽ خوشحالي جي منزل حاصل ڪرڻ طرف گامزن آهي. ايس سي او ترقياتي منصوبن جي لا??ِ متبادل فنڊنگ جو طريقيڪار جوڙي، ماحوليات جي تحفظ لا??ِ ايس سي او جو قدم ساراهه جوڳو آهي. امن ۽ سلامتي جو قيام، معاشي ترقي، غربت جي خاتمي ۽ ماحولياتي تبديلي جي مضر اثرن کي منهن ڏيڻ جي لا??ِ گڏيل قدمن جي ضر??رت آهي. بيلاروس کي ايس سي او ۾ شموليت تي مبارڪباد ڏيون ٿا. وزيراعظم چيو ته ??ربت جي خاتمي جي لا??ِ ڪم ڪرڻو پوندو، افغانستان ۾ پائيدار امن اسان جو گڏيل هدف آهي. پاڪستان افغانستان ۾ امن جو خواهشمند آهي. افغانستان جي عبوري حڪومت سان بامعنيٰ طور تي ڳالهه ٻولهه ڪرڻي پوندي ته ??يئن اتان جي عوام جا مسئلا حل ٿين. افغانستان دهشتگردي جي خلاف موثر قدم کڻي ته ??يئن ان جي سرزمين ڪنهن ٻئي ملڪ جي خلاف استعمال نه ٿئي، رياستي دهشتگردي جي مذمت ڪئي وڃي، پاڪستان هر قسم جي دهشتگردي ڀلي اها رياستي دهشتگردي هجي يا ڪنهن تنظيم يا شخص طرفان هجي، ان جي ڀرپور مذمت ڪري ٿو. دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي خلاف گڏيل ۽ جامع قدمن جي ضر??رت آهي. بيگناهه ماڻهن جون جانيون وٺڻ جو ڪو جواز نه آهي ۽ نه ئي دهشتگردي کي سياسي پوائنٽ اسڪورنگ جي لا??ِ ڍال بڻائڻ گهرجي. پاڪستان تعصب ۽ فرق تي ٻڌل ورڇ جي پاليسين ۽ نسلي ۽ مذهبي بنياد تي نفرت کي هوا ڏيڻ جو مخالف آهي. وزيراعظم چيو ته ??ودمختياري، علائقائي سالميت ۽ ماڻهن جي بنيادي خودمختياري جي حق جي لا??ِ عالمي طور تي مڃيل اصولن جي احترام جي ضر??رت آهي. اسلامو فوبيا جي خاتمي جي لا??ِ گڏيل قومن جي ضر??رت آهي. اسلامو فوبيا ۽ لسانيت جي خلاف آواز اٿارڻو پوندو. وزيراعظم چيو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي پراڻي تڪرارن جي حل لا??ِ قابل عمل فريم ورڪ موجود آهي. گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تحت حل طلب مسئلن جي حل يقيني بڻائڻ جي ضر??رت آهي. اسان کي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻو آهي. غزه ۾ انسانيت سوز ظلم جاري آهي. ايس سي او فلسطين جي صورتحال تي آواز اٿاري، اسرائيل جي ڏاڍ وارين ڪاررواين جي مذمت ۽ فوري جنگبندي ٿيڻ گهرجي. فلسطين ۾ 37 هزار جي لڳ ڀڳ معصوم ماڻهن کي شهيد ڪيو ويو آهي جن ۾ وڌيڪ انگ عورتن ۽ ٻارن جو آهي. اسرائيل پاران 20 لک فلسطينين کي بي گهر ڪيو ويو آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان فلسطين جي مسئلي جي 1967ع کان اڳ واري سرحدن جي بنياد تي ٻه رياستي حل جو حامي آهي، جنهن تحت فلسطيني رياست جو قيام ٿئي ۽ ان جي گادي وارو شهر القدس هجي. پاڪستان هلندڙ سال آڪٽوبر ۾ ايس سي او سربراهي اجلاس جي ميزباني لا??ِ پرعزم آهي. ايس سي او ميمبر ملڪن سان تعاون پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. پاڪستان ايس سي او کي متحرڪ تنظيم بڻائڻ ۽ هدف حاصل ڪرڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندو.
شنگهائي تعاون تنظيم خطي جي عوام جي سماجي ۽ معاشي ترقي جي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي، اسان جا چئلينجز گڏيل آهن، گڏجي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ ڪم ڪرڻو آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : میگا جیک پاٹس: کلیوپیٹرا