اسلام آباد-13 جون (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته ريٽيل??ز کي ٽيڪس جي دائري ۾ آڻڻ ضروري آهي ته جيئن ٻين طبقن تي ٽيڪس جو بار گ??ٽ ٿئي. پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته اپريل ?? رضاڪاراڻي رجسٽريشن تحت 75 واپارين رجسٽريشن ڪرائي هئي. مئي ۾ ايف بي آر 6 شهرن ۾ قدم کنيا جنهن جي نتيجي ۾ هن وقت تائين 31 هزار ريٽيلرز جي رجسٽريشن ٿي چڪي آهي. هي عمل جاري رهندو ۽ پهرين جولاءِ کان ريٽيلرز تي ٽيڪس لاڳو ڪيو ويندو. ناڻي واري وزير چيو هن وقت 9 ٽريلين رپين جي ڪرنسي گردش هيٺ آهي، ڊجيٽائزيشن ذريعي معاملا درست ٿي سگهن ٿا. اسان جي ڪوشش آهي ته ڪيش ٽرانزڪشن کي گهٽ کان گهٽ ۽ ختم ڪيو وڃي. پوائنٽ آف سيل رجسٽريشن جو سلسلو ٻيهر شروع ڪيو ويندو.
مضمون کا ماخذ : números sorteados lotomania