اسلام آباد – 08 – مئي (اي پي پي) انفارميشن سروس گروپ جي تربيت هيٺ نوجوان ??فيسرن (پروبيشنرز) ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) جو دورو ڪيو جتي کين قومي خابرو اداري جي پيشيواراڻي معاملن بابت بريفنگ ڏني وئي. انفارميشن سروس اڪيڊمي جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جنرل ارشد منير جي قيادت ۾ پروبيشنرز جو دورو 41 هين خصوصي تربيتي پروگرام جو حصو هو، جنهن جو مقصد اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي مختلف ادارن ۽ لاڳاپيل ادارن بابت آگاهي حاصل ڪرڻ هو. ان موقعي تي اي پي پي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر محمد عاصم کچي تصديق ٿيل خب??ن جي پهچ سان گڏوگڏ قومي مفاد ۾ مثبت بيانيو جوڙڻ ۾ اي پي پي جي ڪردار تي روشني وڌي. هن چيو ته اي پي پي هڪ متحرڪ خابرو اداري طور ??رو?? ماڻي رهيو آهي، جنهن ۾ ملٽي ميڊيا نيوز، فوٽو ۽ وڊيو سروسز سميت ٽيڪسٽ سروسز تي ڌيان ڏيڻ سان گڏوگڏ جديد دور جي گهرجن موجب ڊيجيٽل ۽ سوشل ميڊيا پليٽ فارمز کي سگهه ۽ نمايان ??هميت ڏن?? پئي وڃي.
ان کان ??ڳ اي پي پي جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر عدنان ??ڪرم باجوه اي پي پي جي معاملن بابت تفصيلي پريزنٽيشن ڏني جنهن ۾ مختلف زبانن ۾ نيوز آپريشنز، مقامي سطح تي نمائندن جي نيٽ ورڪ ۽ ٻين ملڪن سان ??داري جي خب??ن جي مٽاسٽا جي معاهدن بابت بريفنگ شامل هئي.
پروبيشنرز سينٽرل نيوز ڊيسڪ، جنرل رپورٽنگ، فارن ڊيسڪ، اڪنامڪ ڊيسڪ، مانيٽرنگ سيڪشن، اردو نيوز سروس، سنڌي نيوز سروس، وڊيو نيوز سروس، سوشل ميڊيا سيڪشن، ڊيٽا سينٽر ۽ اسٽوڊيوز جو دورو ڪيو.
ان موقعي تي ڊائريڪٽر نيوز اي پي پي شمائله عندليب، ڊائريڪٽر اردو نيوز سروس عبدالجبار ذڪريا، ڊائريڪٽر وڊيو نيوز سروس رب نواز باجوه، ڊائريڪٽر ٽريننگ ڪاشف رضوي ۽ ڊائريڪٽر انفارميشن ٽيڪنالاجي عدنان ??خاري پنهنجي پنهنجي سيڪشنز جي ڪم بابت بريفنگ ڏني.