اسلام آباد – 29 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگر??ن وفاق?? وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته پاڪستان ٽيليويزن 2024ع جي چونڊن جي ڪوريج دوران ??يرجانبداري جو خيال رکيو، پي ٽي وي هڪ ڀيرو ٻيهر ثابت ڪيو آهي ته هو ٻين چينلز جي لاءِ رول ماڊل آهي. اها ڳالهه هن پاڪستان ٽيليويزن هيڊڪوارٽرز ۾ چونڊن جي مسلسل ڪوريج س??ن واڳيل ملازمن ۾ تعريفي سرٽيفڪيٽ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي چئي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگر??ن وفاق?? وزير چيو ته عام چونڊن جي ڏينهن رات مسلسل نشريات پاڪستان ٽيليويزن جي سمورن شعبن جي اڻٿڪ محنت سان ممڪن ٿي آهي جيڪا ساراهه جوڳي آهي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگر??ن وفاق?? وزير چيو ته پاڪستان ٽيليويزن جي پروفيشنلز غيرجانبداري جو خيال رکيو جيڪا شاندار ڪوريج جي پيشيواراڻي معيار ۽ اميدن تي پورو لهي ٿي. ان موقعي تي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد چيو ته وڏي پئماني تي غيرمعمولي ڪوريج کي بهتر انداز ۾ پيش ڪرڻ ۾ ايم ڊي پي ٽي وي سميت سمورن ملازمن ۽ شعبن جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي. پي ٽي وي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر سيد مبشر توقير شاهه چيو ته پاڪستان ٽيليويزن جي ملازمن عام چونڊن دوران ??هترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو. پرائيويٽ ميڊيا ۾ پڻ ان ??والي سان پي ٽي وي جي ڪارڪردگي کي ساراهيو ويو. هن چيو ته هن تقريب جو مقصد ملازمن جي حوصلا افزائي ڪرڻ آهي. واضح رهي ته ملڪي تاريخ جي 12 هين عام چونڊن جو مرحلو ڪاميابي سان پڄاڻي تي پهچي ويو آهي، 12 ڪروڙ 80 لک ک??ن وڌيڪ ووٽرز جي لاءِ چونڊن ۾ پولنگ جي عمل ک??ن وٺي نتيجن تائين سمورن مرحلن جي بنا رڪاوٽ ڪوريج ۽ لائيو رپورٽنگ کي پي ٽي وي بهتر طريقي سان نڀايو. ان ??والي سان پي ٽي وي هيڊڪوارٽرز ?? تقريب منعقد ٿي جنهن ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگر??ن وفاق?? وزير خاص مهمان ??ي حيثيت سان ??رڪت ڪئي ۽ مختلف پروفيشنلز ۾ تعريفي سرٽيفڪيٽ ورهايا. تقريب جي آخر ۾ پاڪستان ٽيليويزن انتظاميا پاران ??طلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگر??ن وفاق?? وزير مرتضيٰ سولنگي، اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد ۽ ايم ڊي پي ٽي وي مبشر توقير شاهه کي شيلڊز پيش ڪيون ويون.
پاڪستان ٽيليويزن 2024ع جي چونڊن جي ڪوريج دوران غيرجانبداري جو خيال رکيو: نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : apostas quina