ڊيووس – 18 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان ۽ دبئي جي حڪومت مواصلات، ريلوي ۽ سامونڊي معاملن جي شعبن ۾ تعاون جي لاءِ بين الحڪومتي فريم ورڪ معاهدن تي صحيحون ڪري ڇڏيون آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران و??يراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان ڊيووس ۾ عالمي اقتصادي فورم جي 54 هين سالياني اجلاس جي موقعي تي گڏيل عرب اما??ات ۾ قائم ملٽي نيشنل لاجسٽڪ ڪمپني ”ڊي پي ورلڊ“ جي گروپ چيئرمين ۽ سي اي او سلطان احمد بن سليم ملاقات ڪئي. نگران و??يراعظم پاڪستان ۽ گڏيل عرب اما??ات ۾ ڪاروباري ادارن جي وچ ۾ رابطي ۽ تعاون جي فروغ تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ ان جي اهميت جو ذڪر ڪيو. نگران و??يراعظم پاڪستان ۾ پنهنجي ڪاروباري سرگرمين کي وسعت ڏيڻ ۾ ڊي پي ورلڊ جي دلچسپي جي آجيان ڪئي ۽ ڪمپنين کي حڪومت پاران ڀرپور حمايت جو يقين ڏياريو. پاڪستان و??پار ۽ صنعتي سرگرمين جي محور جي طور تي پنهنجي جاگرافيائي ۽ اقتصادي ويزن مان فائدو کڻڻ جي لاءِ حصيدار ادارن کي سهولت فراهم ڪندو رهندو. ملاقات کانپوءِ نگران و??يراعظم مواصلات، ريلويز ۽ سامونڊي معاملن و??رين و??ارتن ۽ دبئي جي حڪومت جي وچ ۾ تعاون جي لاءِ بين الحڪومتي فريم ورڪ معاهدن تي صحيحن جي تقري?? ۾ ??رڪت ڪئي جنهن ۾ دبئي حڪومت پاران ڊي پي ورلڊ نمائندگي ڪئي. معاهدن تحت پاڪستان ۾ ٺوس فريٽ ڪوريڊور، ملٽي ماڊل لاجسٽڪ پارڪ ۽ ريلوي نيٽ ورڪ تي مال برداري جا ٽرمينلز قائم ڪ??ڻ سان گڏوگڏ سامونڊي اقتصادي زون قائم ڪ??ڻ ۽ پورٽ قاسم ۾ نيوي گيشن چينل جي ڊريجنگ جي معاملن ۾ تعاون ڪيو ويندو.
پاڪستان ۽ دبئي جي حڪومت ۾ مواصلات، ريلوي ۽ سامونڊي معاملن جي شعبن ۾ تعاون جي لاءِ بين الحڪومتي فريم ورڪ معاهدن تي صحيحون
مضمون کا ماخذ : raspadinha resultados