اسلام آباد – 21 – ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته نگران پرڏيهي ??زي?? جليل عباس جيلاني گذريل هفتي گڏيل قومن، اسلامي تعاون تنظيم ۽ يورپي يونين جي قيادت کي خط لکي انهن جو ڌيان ڀارتي سپريم ڪورٽ جي ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪسمير بابت تازي فيصلي جي غيرقانوني حيثيت طرف ڇڪرايو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته نگران پرڏيهي ??زي?? انهن خطن ۾ ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته عالمي قانون تحت ملڪي قانونسازي ۽ عدالتي فيصلا گڏيل قومن ??ي سالامتي ڪائونسل جي قراردادن کان هٽي نٿا ڪري سگهن ۽ عالمي طور تي مڃيل تڪراري علائقي جي حيث??ت کي تبديل نه ٿا ڪري سگهن. ترجمان چيو ته نگران پرڏيهي ??زي?? گڏيل قومن ??ي سلامتي ڪائونسل کان مطالبو ڪيو آهي ته اها ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار بابت پنهنجي قراردادن تي مڪمل عملدرآمد کي يقيني بڻائي ۽ ڀ??رت تي زور ڏي ته هو والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن ??ي سنگين ۽ منظم خلاف ورزين ک?? ختم ڪري ۽ ڀ??رت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 5 آگسٽ 2019ع جي پنهن??ي سمورن غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدمن ک?? واپس وٺي. ترجمان چيو ته پاڪستان گڏيل قومن ??ي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ پنهنجي ڪشميرين ??ي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.
نگران پرڏيهي وزير ڀارتي سپريم ڪورٽ جي فيصلي خلاف گڏيل قومن، اسلامي تعاون تنظيم ۽ يورپي يونين جي قيادت کي خط لکيو آهي: پرڏيهي آفيس
مضمون کا ماخذ : نتیجہ لوٹومینیا