بيجنگ – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪ?? بيجنگ ۾ ٿيندڙ ٽئين بيلٽ اينڊ روڊ فورم ۾ شرڪت ڪئي ۽ عالمي اڳواڻن سان ملاقاتن ۾ نگران وزيراعظم معصوم فلسطينين جي خلاف غاصب اسرا??يل جا جن??ي ڏوهه روڪڻ جي لاءِ گڏيل قومن ۽ عالمي قوتن کان فوري طور تي اسرا??يل پاران معصوم فلسطينين جي قتلام کي روڪڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب نگران وزيراعظم گڏيل قومن جي س??ڪر??ٽري جنرل سان غزه ۾ جاري اسرائيلي جارحيت جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ صورتحال تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي. نگران وزيراعظم فورم ۾ شريڪ عالمي اڳواڻن سان غيررسمي ملاقاتون ڪيون. نگران وزيراعظم گڏيل قومن جي س??ڪر??ٽري جنرل انتونيو گوتريس سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن عالمي ۽ علائقائي معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي. نگران وزيراعظم اسرا??يل پاران غزه اسپتال تي حملي ۽ هڪ ئي ڏينهن حملن جي نتيجي ۾ 500 فلسطينين جي شهادت کي انسانيت سوز ۽ انساني حقن جي شديد خلاف ورزي قرار ڏنو. نگران وزيراعظم معصوم فلسطينين تي اسرائيلي حملن جي ڀرپور مذمت ڪئي ۽ فوري جن??بندي سان گڏوگڏ متاثرين تائين امداد جي فراهمي تي زور ڏنو. نگران وزيراعظم معصوم فلسطينين جي خلاف غاصب اسرا??يل جا جن??ي ڏوهه روڪڻ جي لاءِ گڏيل قومن ۽ عالمي قوتن کان فوري طور تي اسرا??يل پاران معصوم فلسطينين جي قتلام کي روڪڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.
نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي بيجنگ ۾ ٿيندڙ ٽئين بيلٽ اينڊ روڊ فورم ۾ شرڪت، عالمي اڳواڻن سان ملاقاتن ۾ اسرائيل پاران معصوم فلسطينين جي قتلام کي روڪڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جو مطالبو
مضمون کا ماخذ : apostas dupla sena