اسلام آباد – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته حڪومت ڪراچي جي واپارين کي درپيش سمورن مسئلن جو حل يقيني ب??ائيندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن س??ڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ سنڌ جي گورنر نگران وزيراعظم کي سنڌ صوبي جي انتظامي معاملن ۽ امن امان جي حوالي سان تفصيلي آگاهه ڪيو. ملاقات ۾ سنڌ جي گورنر وزيراعظم کي ڪراچي جي واپارين ۽ ڪراچي چيمبر آف ڪامرس پاران بجلي جي ا??هن جي حوالي سان تجويزون پي?? ڪيون. نگران وزيراعظم سنڌ جي گورنر جا ٿورا مڃيا ۽ لاڳاپيل ادارن کي انهن تجويزن جي حوالي سان تفصيلي مشاورت جون هدايتون ڪيون. نگران وزيراعظم چيو ته حڪومت ڪراچي جي واپارين کي درپيش سمورن مسئلن جو حل يقيني ب??ائيندي. نگران وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته ڪراچي چيمبر آف ڪامرس جي تجويزن تي مشاورت کانپوءِ جلد رپورٽ پي?? ڪئي وڃي.
حڪومت ڪراچي جي واپارين کي درپيش سمورن مسئلن جو حل يقيني بڻائيندي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی پیشن گوئی