اسلام آباد – 06 – جون (اي پي پي) قومي اقتصادي ڪائونسل مالي سال 23 – 2022ع جي نظرثاني ٿيل ترقياتي بجيٽ (پي ايس ڊي پي) جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، ايندڙ مالي سال قومي ترقياتي بجيٽ جو ڪاٿو 2709 ارب ر??يا هوندو، مجموعي ترقياتي پروگرام ۾ وفاق 1150 ارب ر??يا خرچ ڪندو جنهن ۾ 200 ارب ر??يا پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جڏهن ته 950 ارب ر??يا وفاق جو پي ايس ڊي پي هوندو، صوبن جي مجموعي ترقياتي بجيٽ 1559 ارب ر??يا هوندي، پنجاب جي ترقياتي بجيٽ 426 ارب ر??يا ۽ خيبرپختونخواهه جي 268 ارب ر??يا هوندي جيڪا ايندڙ چئن مهينن جي لاءِ آهي، سنڌ جي سالياني ترقياتي بجيٽ 617 ارب ر??يا جڏهن ته بلوچستان جي سالياني ترقياتي بجيٽ جي مد ۾ 248 ارب ر??ين جي منظوري ڏني وئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ قومي اقتصادي ڪائونسل جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن سيد نويد قمر، اسحاق ڊار، احسن اقبال، مولانا اسعد محمود، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير، اعظم خان، سينيٽر نثار احمد کهوڙو، خيبرپختونخواهه جي ناڻي ۽ توانائي واري صلاحڪار حمايت الله، بلوچستان جي سينيئر وزير ۽ ناڻي واري وزير نور محمد دُمڙ شرڪت ڪئي جڏهن ته پنجاب جو نگران وڏو وزير سيد محسن نقوي اجلاس ۾ وڊيو لنڪ ذريعي شريڪ ٿيو. قومي اقتصادي ڪائونسل ملڪي مجموعي معاشي صورتحال جو جائزو ورتو ۽ تفصيلي مشاورت ڪئي. وزيراعظم اجلاس جي شرڪت ڪندڙن جي آجيان ڪندي چ??و ته صوبا وفاق جون اڪائيون آهن ۽ پاڪستان جي خوشحالي تيستائين ممڪن نه آهي جيستائين صوبا خوشحال نه هجن. وزيراعظم وڌيڪ چ??و ته محدود معاشي وسيلن جي باوجود ح??وم?? صوبن جا ترقياتي مطالبا پورا ڪندي ۽ وسيلن جي منصفاڻي ۽ شفاف ورڇ يقيني بڻائيندي، ان حوالي سان منصوبابندي واري وفاقي وزير جي سربراهي ۾ هڪ ڪميٽي جوڙي وئي جيڪا ان ڳالهه کي يقيني بڻائيندي ته صوبن کي ملندڙ فنڊز ۾ ڪنهن به قسم جي تخصيص نه ڪئي ويندي پر سمورن صوبن کي انهن جي ضرورتن موجب موجوده وسيلا منصفاڻي ۽ شفاف بنيادن تي ورهايا ويندا. هن چ??و ته ملڪي معاشي ترقي اسان جي ح??وم?? جي اولين ترجيح آهي، ح??وم?? ملڪي معاشي ترقي جي لاءِ تعليم، صحت، جديد انفراسٽرڪچر ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري ??ري رهي آهي، ح??وم?? پاڪستان ۾ گرين ريولوشن 2.0 جو بنياد رکي رهي آهي جنهن سان ملڪ زراعت ۾ پاڻڀرو ٿيندو، ح??وم?? زراعت جي شعبي جي جدت، پيداوار ۾ اضافي ۽ في ايڪڙ لاڳت ۾ گهٽتائي جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي. وزيراعظم وڌيڪ چ??و ته 2018ع ۾ جڏهن مسلم ليگ (ن) ح??وم?? ڇڏي تڏهن وفاقي ترقياتي بجيٽ 1000 ارب ر??يا هئي جيڪا 22 – 2021ع ۾ گهٽ ??ري رڳو 550 ارب ر??يا ڪئي وئي، ان ڏوهاري فعل سان ملڪي ترقي کي ڄاڻي واڻي روڪيو ويو پر موجوده ح??وم?? معاشي چئلينجز جي باوجود ترقياتي بجيٽ ۾ 100 سيڪڙو کان وڌيڪ اضافو ??ري ان کي ايندڙ سال جي لاءِ 1150 ارب ر??يا ڪيو آهي ته جيئن نه رڳو پاڪستان ترقي ??ري پر ان ترقي جا ثمر عام ماڻهو تائين پهچي سگهن. قومي اقتصادي ڪائونسل کي ٻڌايو و??و ته گذريل ح??وم?? جي ڇڏيل معاشي مشڪلاتن ۽ پاڪستان ۾ تاريخي ٻوڏ سان معيشت کي 30 ارب ڊالر جي نقصان جي باوجود هلندڙ سال حاصل ٿيندڙ واڌويجهه جي شرح 0.3 سيڪڙو رهي، گذريل ح??وم?? مالي سال 22 – 2021ع ۾ 84 ارب ڊالر جي برآمدات ڪئي جنهن جي ??ري پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ گهٽتائي ۽ ملڪي معاشي مشڪلاتن ۾ شديد اضافو ٿيو، ايندڙ مالي سال جي لاءِ ترقي جي شرح جو هدف 3.5 سيڪڙو تي رکڻ جي پڻ منظوري ڏني. اجلاس کي ٻڌايو و??و ته هلندڙ سال ملڪ ۾ مجموعي طور تي سيڙپڪاري جي شرح 13.61 سيڪڙو رهي جڏهن ته ايندڙ مالي سال ۾ ان جو هدف پڻ وڌائي 15 سيڪڙو رکيو ويو آهي. اجلاس ۾ مالي سال 23 – 2022ع جي نظرثاني ٿيل ترقياتي بجيٽ (پي ايس ڊي پي) جي منظوري ڏني وئي. اجلاس مالي سال 24 – 2023ع جي لاءِ قومي ترقياتي بجيٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي، ايندڙ مالي سال قومي ترقياتي بجيٽ جو ڪاٿو 2709 ارب ر??يا هوندو، مجموعي ترقياتي پروگرام ۾ وفاق 1150 ارب ر??يا خرچ ڪندو جنهن ۾ 200 ارب ر??يا پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جڏهن ته 950 ارب ر??يا وفاق جو پي ايس ڊي پي هوندو، صوبن جي مجموعي ترقياتي بجيٽ 1559 ارب ر??يا هوندي، پنجاب جي ترقياتي بجيٽ 426 ارب ر??يا ۽ خيبرپختونخواهه جي 268 ارب ر??يا هوندي جيڪا ايندڙ چئن مهينن جي لاءِ آهي، سنڌ جي سالياني ترقياتي بجيٽ 617 ارب ر??يا جڏهن ته بلوچستان جي سالياني ترقياتي بجيٽ جي مد ۾ 248 ارب ر??ين جي منظوري ڏني وئي. سال 24 – 2023ع جي ترقياتي فنڊ ۾ هلندڙ سال جي ڀيٽ ۾ 17 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آهي. ترقياتي بجيٽ ۾ مجموعي طور تي 1182 اسڪيمون شامل ڪيون ويون آهن جن ۾ 311 نيون جڏهن ته 871 جاري ترقياتي اسڪيمون آهن. منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير اجلاس ۾ 5 – ايز فريم ورڪ تي شرڪت ڪندڙن کي بريفنگ ڏني جنهن تحت روانگي واپار جي فروغ، اي (ڊيجيٽل) پاڪستان جي ترقي، ماحوليات، توانائي تي ڌيان ڏنو پيو وڃي تنهن ??ري ان فريم ورڪ تحت اهڙي ايجنڊا جوڙي وئي آهي جيڪا پاڪستان جي لاءِ لازمي آهي، 5 ايز ۾ سڀ کان پهرين روانگي واپار کي وڌائڻ جي لاءِ قدم کنيا ويندا، ح??وم?? جي ترجيح آهي ته انهن پنجن شعبن جي ذريعي روانگي واپار کي وڌايو وڃي، عالمي مارڪيٽ ۾ 5 شعبن جي ذريعي پنهنجو روانگي واپار وڌائڻ جي لاءِ قدم کنيا ويندا، ڊيجيٽل پاڪستان به انهن مان هڪ منصوبو آهي، ڊيجيٽل جي سهولت پوري پاڪستان کي فراهم ڪرڻ جي لاءِ قدم کنيا ويندا. اجلاس کي منصوبابندي واري وفاقي وزير پاران آر ايف 4 منصوبي تي بريفنگ پڻ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو و??و ته منصوبي تحت ٻوڏ متاثر علائقن ۾ نئين سر تعمير جي منصوبن تي وڏي رقم خرچ ڪئي پئي وڃي، ان جي فنڊنگ پاڪستان جا ترقياتي حصيدار عالمي بئنڪ، ايشيائي ترقياتي بئنڪ ۽ اسلامي ترقياتي بئنڪ ??ري رهيا آهن. قومي اقتصادي ڪائونسل ”پاڪستان اڪنامڪ آئوٽ لُڪ 2035ع“ جي پڻ اصولي منظوري ڏئي ڇڏي. صوبائي ح??وم??ن ۽ ٻين ڌرين جي مشاورت سان منصوبابندي واري وزارت ان جو ويزن ڊاڪيومنٽ ۽ اسٽريٽجي يپپر ٺاهيندي، گذريل ح??وم?? جي ڪا معاشي پلاننگ نه هجڻ جي ??ري ملڪي ترقي سستي جو شڪار ٿي، جيڪڏهن ملڪ انهي رستي تي هلندو رهي ها ته 2035ع ۾ ملڪي معيشت جو ڪاٿو رڳو 550 ارب ڊالر تائين پهچي ها ۽ غربت جي شرح 40 سيڪڙو تائين پهچي وڃي ها، ان جي ابتڙ ح??وم?? ٽرانسفارميشنل گروٿ ماڊل جو ٺوس منصوبو پيش ??ري رهي آهي، ان منصوبابندي تحت پاڪستان ۾ ساليانو 6.2 سيڪڙو واڌويجهه جي شرح حاصل ??ري پاڪستان جي معيشت جي ڪاٿي کي 1000 ارب ڊالر تائين پهچايو ويندو جڏهن ته غربت جي شرح کي به گهٽ ??ري 15 سيڪڙو تائين آندو ويندو. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو و??و ته 24 – 2023ع جي ترقياتي بجيٽ ۾ انفراسٽرڪچر ڊيولپمينٽ، سماجي شعبي، موسمياتي تبديلي کان بچاءُ، عالمي معيار جي تعليم، انفارميشن ٽيڪنالاجي، زراعت جي ترقي ۽ توانائي جي شعبي جي جدت ۽ سڌارن تي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي. اجلاس ۾ سي ڊي ڊبليو پي ۽ ايڪنڪ جي اپريل 2022ع کان مارچ 2023ع تائين جي سالياني پروگرام رپورٽ جي پڻ منظوري ڏني وئي. اجلاس ملڪ ۾ عالمي معيار جي اعليٰ تعليم جي فروغ جي لاءِ هايئر ايجوڪيشن ڪميشن جي بجيٽ ۾ 145 سيڪڙو اضافي جي منظوري ڏني. ان سان اعليٰ تعليم جي بجيٽ مجموعي طور تي 60 ارب ر??ين تائين پهچي وئي آهي جنهن جي لاءِ 22 – 2021ع ۾ گذريل ح??وم?? رڳو 24 ارب ر??يا رکيا هئا. ان کانسواءِ 80 ارب ر??ين جي لاڳت سان نوجوانن جي لاءِ وزيراعظم جي خصوصي قدمن جن ۾ نوجوانن کي ڪاروبار جي لاءِ آسان قرضن جي فراهمي، پاڪستان ايجوڪيشن انڊومنٽ فنڊ جو قيام، آءِ ٽي اسٽارٽ اپس، ليپ ٽاپ اسڪيم، نوجوانن کي هنر سيکارڻ جي لاءِ تربيتي پروگرام ۽ وينچر ڪيپيٽل جي فروغ جا پروگرام شامل آهن، جي منظوري ڏني. قومي اقتصادي ڪائونسل کي قومي توانائي بچت پلان تي پڻ بريفنگ ڏني وئي، جنهن جي منظوري وفاقي ڪابينا اڳ ۾ ئي ڏئي چڪي آهي. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو و??و ته انهن سفارشن تي عمل ??ري مختصر عرصي ۾ رڳو ٻارڻ جي درآمدي بل جي مد ۾ 10 – 15 سيڪڙو يعني هڪ ارب ڊالر کان وڌيڪ جي بچت ??ري سگهبي. ان موقعي تي صوبائي ح??وم??ن کي درخواست ڪئي وئي ته اهي قومي بچت پلان جي مختلف رخن کي لاڳو ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن ۽ ان قومي فرض ۾ پنهنجو ڀرپور حصو وجهن.
وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ قومي اقتصادي ڪائونسل جو اجلاس، مالي سال 23 – 2022ع جي نظرثاني ٿيل ترقياتي بجيٽ (پي ايس ڊي پي) جي منظوري ڏني وئي
مضمون کا ماخذ : bolão lotomania