اسلام آباد – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب لاهور پر??س ڪلب جي نئين چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته مسلم ليگ (ن) جي حڪومت اظهار راءِ جي آزادي ۽ صحافت جي آزادي تي پختو يقين رکي ٿي، صحافين جي ڀلائي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهيا آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن لاهور پر??س ڪلب جي نئين چونڊيل صدر اعظم چوڌري، سينيئر نائب صدر شاداب رياض، نائب صدر ظهير احمد بابر، سيڪريٽري عبدالمجيد ساجد، جوائنٽ سيڪريٽري حسن تيمور جهڳڙا ۽ فنانس سيڪريٽري حافظ فيض احمد سميت گورننگ باڊي جي ميمبرن کي لاهور پر??س ڪلب جي چونڊن ۾ ڪاميابي تي مبارڪباد ڏيندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير ان امي?? جو اظهار ڪيو ته لاهور پر??س ڪلب جي نئين چونڊيل قيادت ??حافين جي ڀلائي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي. هن چيو ته لاهور جي صحافي برادري آئين ۽ قانون جي بالادستي ۽ جمهوري روايتن جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي رهندي. اطلاعات واري وفاقي وزير لاهور پر??س ڪلب جي نئين چونڊيل باڊي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.
اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پاران لاهور پريس ڪلب جي نئين چونڊيل عهديدارن کي مبارڪُون
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے سستے ٹکٹ