اسلام آباد – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) ??ين??ٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته 6 سيپٽمبر پاڪستان جي دفاع جو ڏهاڙو دشمن جي ارادن کي خاڪ ۾ ملائڻ ۽ قومي جرئت ۽ بهادري جو ڏينهن ??هي، 6 سيپٽمبر تي دشمن ملڪ جي فوج عالمي سرحدن جي خلاف ورزي ڪندي آڌي رات جو پاڪستان تي حملو ڪري ڇڏيو هو، پاڪ فوج ۽ بهادر عوام ملڪ جي تحفظ ۽ سلا??تي ۽ آزادي جي لاءِ پنهنجي جانين جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ ڀارتي فوج آڏو شيهي جي ديوار ثابت ٿي ۽ دشمن ملڪ جي سمورن ناپاڪ ارادن کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو. ??ين??ٽ سيڪريٽري موجب پاڪستان جي دفاع جي ڏهاڙي جي موقعي تي قوم جي نالي پيغام ۾ ??ين??ٽ چيئرمين چيو ته پاڪستان جي فوج دنيا جي بهادر، جرئتمند ۽ مضبوط ترين فوجن ۾ شمار ٿئي ٿي جيڪا نه رڳو پنهنجي ملڪ جي عالمي دنيا جي امن مشن ۽ انسانيت جي ڀلائي لاءِ ڪيترائي ڀيرا پنهنجي صلاحيتن کي مڃرائي چڪي آهي. محمد صادق سنجراڻي چيو ته پوري قوم کي پنهنجي فوج تي فخر آهي جنهن ??هشتگردي جي لعنت جو خاتمو ڪرڻ جو نه رڳو عزم ڪري رکيو آهي پر ان جي لاءِ ضرب عضب ۽ ردالفساد جهڙا آپريشن شروع ڪري دهشتگردن کي تباهه ۽ برباد ڪيو، ملڪ جي امن ۽ سلا??تي جيل اءِ بيشمار جوانن پنهنجي زندگين جا نذرانا پيش ڪيا جن کي پوري قوم قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿي، ملڪ جي بهادر فوج نه رڳو ملڪي سلا??تي ۽ تحفظ کي يقيني بڻايو آهي پر هر مشڪل وقت ۾ پنهنجي قوم جي ڀرپور مدد ڪئ?? آهي، ماضي ۾ زلزلي ۽ برساتن ۽ تازن ڏينهن ۾ ٻوڏ جي صورتحال ۾ پاڪ فوج جون امدادي سرگرميون بي مثال آهن ??نهن ??ي لاءِ پاڪ فوج جي موجوده قيادت ۽ جوان خراج تحسين جا مستحق آهن، جهڙي طرح پوري قوم ملڪي دفاع جي لاءِ هٿياربند فوج سان گڏ آهي اهڙي طرح پاڪ فوج پنهنجي هم وطنن جي سدائين هر مشڪل وقت ۾ ڀرپور مدد ڪئ?? آهي.
6 سيپٽمبر دشمن جي ارادن کي خاڪ ۾ ملائڻ جو ڏينهن آهي: سينيٽ چيئرمين
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ آن لائن دستیاب