اسلام آباد – 19 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان ۾ صحت جي ش??بي ??ي بهتري لاءِ هڪ ٻيو وڏو قدم کڻندي سڄي ملڪ ۾ سي پي آر ٽريننگ منعقد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ايمرجنسي حالتن ۾ حياتي بچائيندڙ عالمي معيار جي سي پي آر تربيت لکين زندگيون بچائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان ۾ اسٽريٽجڪ ريفارمز جي سربراهه سلمان صوفي ٻڌايو ته وزيراعظم شهباز شريف ان حوالي سان اسٽريٽجڪ ريفارمز جي سربراهه کي فوري ق??من جي هدايت ڪندي چيو ته حياتي بچائيندڙ سي پي آر ٽريننگ کي اسڪولن جي نصاب ۾ شامل ڪيو ويندو. سلمان صوفي چيو ته ان کانسواءِ هر ش??ر کي سي پي آر جي تربيت ڏيڻ به مهم جو حصو هوندو، ايندڙ هفتي ان ملڪ گير مهم جي حوالي سان مڪمل حڪمت عملي جو اعلان ڪيو ويندو. سلمان صوفي چيو ته وزيراعظم شهباز شريف صحت جي ش??بي ۾ ميرٽ ??ي بالادستي، عالمي معيار جي تعليم ۽ پنجاب صوبي ۾ اسپتالون قائم ڪرڻ کي يقيني بڻايو. وزيراعظم وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ قومي سطح تي صحت جي ش??بي ۾ سڌارن جو پروگرام شروع ڪرڻ وڃي رهيو آهي. ملڪ گير حياتي بچائيندڙ سي پي آر جي تربيت جي مهم ان سلسلي جي پهرين ڪڙيءَ آهي.
وزيراعظم شهباز شريف پاران پاڪستان ۾ صحت جي شعبي جي بهتري لاءِ هڪ ٻيو وڏو قدم، سڄي ملڪ ۾ سي پي آر ٽريننگ منعقد ڪرڻ جو فيصلو
مضمون کا ماخذ : عظیم البینی