اسلام آباد – 23 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان ويزن وچ ايشيا جي پاليسي تي گامزن ۽ ڪرغزستان سميت سمورين وچ ايشيائي رياستن سان واپ??ري ۽ عوامي رابطن جي فروغ جو گهرجائو آهي. اها ڳالهه هن او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن و??ري ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي موقعي تي جمهوريه ڪرغزستان جي پنهنجي هم منصب ارسلان ڪازاڪ بائيف سان ملاقات دوران چئي. ملاقات دوران ٻطرفن لاڳاپن، مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ سميت گڏيل دلچسپي جي اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ڪرغزستان سان ٻطرفن لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو، ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا هڪ جهڙي عقيدي، تاريخي ۽ ثقافتي قدرن جي بنياد تي قائم آهن. ٻنهي پرڏيهي وزيرن گڏيل قومن ۽ او آءِ سي سميت گهڻ رخي فورمن تي ٻطرفن لاڳاپن ۽ تعاون جو جائزو ورتو. پرڏيهي وزير موجوده لاڳاپن جي نوعيت تي ا??مينان جو اظهار ڪندي ٻطرفي مٽاسٽا، واپ??ري ۽ اقتصادي لاڳاپن کي وڌائڻ ۽ اداراجاتي مڪينزم کي وڌيڪ فعال بڻائڻ جي ل??ءِ باقاعدگي سان اجلاس منعقد ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ ڪرغزستان جي وچ ۾ سڌوسنئون فلائيٽس ج??ري ڪرڻ جي حوالي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان گوادر پورٽ جي ذريعي ڪرغزستان کي مختصر ترين واپ??ري رستي جي فراهمي جي ل??ءِ راضي آهي. پرڏيهي وزير توانائي منصوبو ڪاسا 1000 منصوبي جي جلد پڄاڻي جي ل??ءِ پاڪستان جي حمايت جو ورجاءُ ۽ پاڪستان – چين – ڪرغزستان – افغانستنا، چار ڌريي ٽرانزٽ ٽريڊ ايگريمينٽ جي لاڳو ڪرڻ جي ل??ءِ رابطن کي تيز ڪرڻ تي زور ڏنو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن تعليم جي شعبي ۾ تعاون ۽ عوام جي سطح تي رابطن جي فروغ جي ل??ءِ مختلف رخن سميت ڪرغزستان ۾ تعليم پرائيندڙ پاڪستاني شاگردن جي ڀلائي سان لاڳاپيل معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ گڏيل تعاون ج??ري رکڻ ۽ گهڻ رخي فورمن تي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ل??ءِ رابطن جو تسلسل ج??ري رکڻ تي ا??فاق ڪيو. ڪرغزستان جي پرڏيهي وزير ارسلان ڪازاڪ بائيف پرڏيهي وزير کي 82 هين پاڪستان قرارداد ڏهاڙي جي مبارڪباد ڏيندي 23 مارچ جي پريڊ ۾ پاڪستان جي هٿياربند فوج جي پ??شي??اراڻي مهارت کي ساراهيو.
پاڪستان ويزن وچ ايشيا جي پاليسي تي گامزن ۽ ڪرغزستان سميت سمورين وچ ايشيائي رياستن سان واپاري ۽ عوامي رابطن جي فروغ جو گهرجائو آهي: شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : سپر اسپنر