اسلام آباد – 17 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن جي شريڪ چي??رمين بل گ??ٽس ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. صدر بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن پاران پوليو جي خاتمي لاءِ فراهم ڪئي ويندڙ معاونت کي ساراهيندي چيو ته پا??ستان ۾ پوري هڪ سال کان پوليو وائرس جو هڪ به ڪيس رپورٽ ناهي ٿيو ۽ صورتحال اميد جوڳي نظر ا??ي ٿي جڏهن ته اسان ان حوالي سان قدم جاري رکنداسين. هن وڌيڪ چيو ته پوليو مهم جو تجربو ڪوويڊ 19 جي وبا دوران تمام گهڻو مددگار ثابت ٿيو جنهن ۾ پا??ستان غيرمعمولي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو آهي. صدر هلال پا??ستان جو اع??از حاصل ڪرڻ تي بل گ??ٽس کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته هي ايوارڊ انسانيت جي لاءِ ان جي فلاحي خدمتن جي اع??راف ۾ آهي. صدر چيو ته پا??ستان ماءُ ۽ ٻار جي غذائي ضرورتن کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيو آهي ۽ ان سلسلي ۾ احساس جو تمام سٺو پروگرام شروع ڪيو ويو آهي. ان موقعي تي ڳالهائيندي بل گ??ٽس چيو ته بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن پاران گيسٽرڪ مائيڪرو بايوم تي ڪئي ويندڙ تحقيق سان ان سلسلي ۾ ڪجهه چئلينجز تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پا??ستان آءِ ٽي جي شعبي ۾ مائيڪرو سافٽ سان شاندار تعاون جو منتظر آهي. هن چيو ته پا??ستان ۾ نوجوانن جو وڏو انگ موجود آهي جيڪو چوٿين صنعتي انقلاب جي گهرجن کي منهن ڏيڻ ۾ تمام گهڻو مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو.
صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن جي شريڪ چيئرمين بل گيٽس جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : prêmios dupla sena