اسلام آباد – 09 فيبروري (اي پي پي) صدر ??اڪ??ر عارف علوي پاڪستان کي ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري لاءِ هڪ پرڪشش مقام بڻائڻ جي سلسلي ۾ غير ملڪي ڪمپنين لاءِ رجسٽريشن جي طريقيڪار کي ??ڌي?? آسان بڻائڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته سمورا اسٽيڪ هولڊرز ضابطي جي ڪارروائي بابت مسئلن کي حل ڪن ۽ پاڪستان ۾ ڪاروبار جي خواهشمند غير ملڪي سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪن. هن ??ڌي?? چيو ته پاڪستان جي آءِ سي ٽي سيڪٽر ۾ تمام گهڻي صلاحيت موجود آهي ۽ اهو ضروري آهي ته ان اهم شعبي ۾ سيڙپڪاري جي حوصلا افزائي ڪئي ويندي جڏهن ته ملڪ ۾ موجود موقعن کي خاص طور تي آمريڪا ۾ رهندڙ پاڪستاني ڄائي آءِ ٽي سيڙڪارن جي لاءِ موثر طريقي سان اجاگر ڪيو وڃي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر مان وڊيو لنڪ جي ذريعي آءِ ٽي جي شعبي سان لاڳاپيل پاڪستاني ڄاون آمريڪين سان هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وزيراعظم جي صلاحڪار عبدالرزاق دائود، سي پيڪ واري صلاحڪار خ??لد منصور، آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪام واري وزارت جي سيڪريٽري ??اڪ??ر محمد سهيل راجپوت، بورڊ آف انويسٽمينٽ جي ??يئ??مين محمد اظفر احسن، سيڙپڪاري بورڊ جي سيڪريٽري فارينه مظهر، اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز اٿارٽي جي ??يئ??مين عامر هاشمي، سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان جي ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر خ??لده حبيب ۽ ٻين سينئر عملدارن شرڪت ڪئي. آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير ??اڪ??ر اسد مجيد خان ۽ آمريڪا ۾ رهندڙ پاڪستاني ڪميونٽي جي ميمبرن سميت ??اڪ??ر نويد شيرواني، معظم چوڌري، سليم احمد، ادريس ڪوٺاري، احسن سهيل، وحيد قريشي، عامر خ??ن، احمد ايوب ۽ فيصل سهيل وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس ۾ شريڪ ٿيا، اجلاس ۾ لاڳاپيل سرڪاري ادارن پاران اجلاس کي ٻڌايو ويو ته غير ملڪي سيڙپڪارن جي لاءِ رجسٽريشن جي عمل کي آسان بڻائڻ ۾ اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو. ايس اي سي پي پاران اجلاس کي ٻڌايو ويو ته رجسٽريشن جي عمل کي ون ونڊو آپريشن جي ذريعي آسان بڻايو ويو آهي ۽ هاڻي ڪمپنيون ايس اي سي پي جي اي سروسز پورٽل جي ذريعي آن لائين رجسٽرڊ ٿي سگهنديون، اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز اٿارٽي جي ??يئ??مين ٻڌايو ته اٿارٽي بهترين عالمي طريقن موجب ٽيڪنالاجي ڪلسٽرز تيار ڪرڻ جي عمل ۾ آهي جيڪا ڪمپنين کي پاڪستان جي آءِ سي ٽي سيڪٽر ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جي قابل بڻائيندي آهي. هن ??ڌي?? ٻڌايو ته غير ملڪي ڪمپنين 570 ملين ڊالر جي سيڙپڪاري جو عهد ڪيو آهي جنهن سان ملڪ ۾ 15000 نوڪريون پيدا ڪرڻ ۾ مدد ملندي، وزيراعظم جي واپار واري صلاحڪار ٻڌايو ته جولائي کان ڊسمبر 2021ع جي دوران پاڪستان جي آءِ ٽي برآمدات ۾ 36 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي ۽ روانگي واپار وڌائڻ لاءِ ان شعبي کي ??ڌي?? ترقي ڏيڻ جون ڪوششون جاري آهن. اجلاس کي خطاب ڪندي صدر ايس اي سي پي، اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز اٿارٽي، آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪام واري وزارت ۽ بورڊ آف انويسٽمينٽ پاران پاڪستان ۾ ڪاروبار ڪرڻ جي لاءِ غير ملڪي سيڙپڪارن جي سهولت ۽ حوصلا افزائي لاءِ کنيل قدمن کي ساراهيو. هن لاڳاپيل اسٽيڪ هولڊرز جي وچ ۾ ڪوآرڊينيشن کي ??ڌي?? بهتر بڻائڻ جي هدايت ڪئي ته جيئن طريقيڪار بابت مسئلن کي حل ڪري سگهجي جنهن سان آءِ سي ٽي جي برآمدات وڌائڻ ۽ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري کي متوجهه ڪرڻ ۾ مدد ملندي.
سمورا اسٽيڪ هولڊرز ضابطي جي ڪارروائي بابت مسئلن کي حل ڪن: صدر
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ جیتنے کے طریقے