اسلام آباد – 17 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ جو وسيع پروگرام کڻي آئي آهي، نئون پ??ڪس??ان صحت ڪارڊ دنيا جو منفرد هيلٿ انشورنس پروگرام آهي جنهن جي پوري دنيا ۾ مثال نٿو ملي، عوامي ڀلائي جي م??صوبن کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان جي سربراهي ۾ پنجاب ۾ جاري عوامي ڀلائي، سماجي تحفظ ۽ غربت جي خاتمي ۽ بنيادي صحت جي م??صوبن تي جائزه اجلاس ٿيو، اجلاس کي هي??ٿ ڪارڊ ۽ احساس راشن رعايت پروگرام تي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ايندڙ سال جنوري کان مارچ تائين پنجاب جي سمورن گهراڻن کي 10 لک روپين تائين مفت علاج جي سهولت فراهم ڪئي ويندي، ان کانسواءِ اجلاس کي احساس راشن رعايت پروگرام تحت گهٽ آمدني وارن خاندانن کي فراهم ڪيل سبسڊي تي اڳڀرائي ۽ ان سان غربت جي خاتمي جي متوقع مثبت نتيجن جي باري ۾ به آگاهه ڪيو ويو، اجلاس کي پنجاب جي وڏن شهرن ۾ جاري احساس ڪو به بکيو نه سمهي، لنگر خانن ۽ پناهگاهن تي به آگاهه ڪيو ويو، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته منصوبا ڏهاڙيدار ۽ مزدورن لاءِ خاص طور تي سردي جي م??سم ۾ رليف جو سبب بڻجي رهيا آهن، اجلاس کي ڪامياب جوان پروگرام، نئون پ??ڪس??ان هائوسنگ ۽ اسپورٽس ڊرائيو تي به بريفنگ ڏني وئي، اجلاس ۾ پنجاب ۾ بلدياتي اليڪشن جي حڪمت عملي تي به ڳالهه ٻولهه ٿي، وزيراعظم منصوبن تي تسلي جو اظهار ڪندي جاري عوامي ڀلائي جي م??صوبن جي م??رر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون، اجلاس ۾ وفاقي وزيرن شاهه محمود قريشي، چوڌري فواد حسين، شف??ت محمود، حماد اظهر، مخدوم خسرو بختيار، سينيٽر سيف الله نيازي، قومي اسيمبلي م??مبر عامر محمود ڪياني، پنجاب جو وڏو وزير سردار عثمان بزدار ۽ پنجاب جي صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر ياسمين راشد شرڪت ڪئي.
حڪومت ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ جو وسيع پروگرام کڻي آئي آهي: وزيراعظم عمران خان
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری ٹکٹ