اسلام آباد – 26 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم ??مران خان سعود?? عرب جو دورو مڪمل ڪرڻ کانپوءِ اڱاري جي صبح اسلام آباد پهچي ويو آهي. هو سعودي ولي عهد شهزاد محمد بن سلمان جي دعوت تي ٽن ڏينهن جي دوري تي سعود?? عرب ويو هو. دوري جي پڄاڻي تي هو رياض ۾ سعود?? عرب جي نائب پرڏيهي وزير عادل بن احمد ال جبير وزيراعظم کي الوداع ڪيو. دوري تي وزيراعظم س??ن پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، توانائي وارو وزير حماد اظهر، ناڻي وارو وزير شوڪت ترين، وزيراعظم ??و خاص م??دگار ملڪ امين اسلم به گڏ هئا، وزيراعظم مڊل ايسٽ گرين اني??ي ايٽيو سربراهه اجلاس ۾ شرڪت ڪئي ۽ اجلاس کي خطاب به ڪيو. هن سعودي ولي عهد شهزاد محمد بن سلمان سان ملاقات به ڪئي، دوري جي موقعي تي وزيراعظم س??ود?? عرب پاڪستان انويسٽمينٽ فورم کي به خطاب ڪيو. وزيراعظم وفد جي سان گڏ روضه رسول ﷺ تي حاضري ڏني ۽ مسجد نبوي ۾ نوافل ادا ڪيا، هن عمري جي سعادت به حاصل ڪئي ۽ پاڪستان جي سلامتي ۽ خوشحالي لاءِ خصوصي دعا به ڪئي.
وزيراعظم سعودي عرب جو دورو مڪمل ڪري اسلام آباد پهچي ويو
مضمون کا ماخذ : پاور بال