اسلام آباد – پهرين – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته عوام جي ??هنمائي لاءِ ايوان صدر مان هر جمعي تي 15 منٽن لاءِ بهترين مقررين خطبو ڏيندا. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ صدر چيو ته اسلامي نظرياتي ڪائونسل جو چيئرمين قبله اياز بهترين موضوع تي خطبو ڏنو آهي. مون ٻه سال اڳ ڪائونسل کي درخواست ڪئي هئي ته خطيبن جي لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 52 سماجي موضوعن مثال ط??ر سچائي، صدقو ۽ خيرات، همدردي وغيره شايع ڪيا وڃن، واضح رهي ته ايوان صدر جي ??امع مسجد مان پهرين ڀيرو جمعي جي نماز ۽ خطبو سڌو سنئون نشر ڪيو ويو، صدر ڊاڪٽر عارف علوي، اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين ڊاڪٽر قبله اياز ۽ ايوان صدر جي ??ملدرن ۽ عملي جمعي جي نماز ادا ڪئي. ان موقعي تي اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين ڊاڪٽر قبله اياز خطبو ڏنو. هن پنهنجي ??طبي ۾ عبادت س??ن گڏوگڏ روزمره جي معاملن جي ??هتري ۽ حسن اخلاق جي ??هميت کي اجاگر ڪيو، هن ضرورتمندن ۽ معاشري جي ڪمزور طبقن لاءِ احساس همدردي ۽ رحمي تي ٻڌل روين کي اختيار ڪرڻ جي ??رورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته انصاف ۽ ايثار مديني جي ??ياست جي ??نيادي اصولن ۾ شمار ٿيندا هئا، اڄ جي معاشري ۾ به ان کي فروغ ڏيڻ جي ??رورت آهي ته جيئن اسان دنيا ۾ باوقار ۽ محترم قوم بڻجي ??گهون، ان موقعي تي ملڪي سلامتي، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ دعا ڪئي وئي.
عوام جي رهنمائي لاءِ ايوان صدر مان هر جمعي تي 15 منٽن لاءِ بهترين مقررين خطبو ڏيندا: صدر
مضمون کا ماخذ : پاکستان کی مشہور لاٹری