اسلام آباد – 11 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نش??يات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته حديبيه پ??پر ملز ڪيس اٽڪل 124 ملين رپين جي فراڊ جي ڪهاڻي آهي جيڪو پاناما پيپرز ڪيس جي ڪاٿي کان وڏو آهي ۽ ان جي شروعات 2000ع ۾ ان وقت ٿي جڏهن نيب عملدارن حديبيه پ??پرز جي خلاف هڪ ريفرنس داخل ڪيو، نواز شريف جا ٻئي پٽ حسن ۽ حسين نواز، شهباز شريف ۽ سندس سياسي وارث حمزه شهباز به ان ڪيس جا مرڪزي ڪردار آهن، ان ڪيس ۾ ڪجهه نيون حقيقتون سامهون آيون آهن جنهن تي نئين جاچ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، انصاف جي گهرج آهي ته سمورا ادارا پنهنجو ڪردار ادا ڪن، پاڪستان جو مستقبل قانون جي حڪمراني سان واڳيل آهي. حديبيه پ??پر ملز جي خلاف ڪيس جا تفصيل جاري ڪندي بيان ۾ اطلاعات ۽ نش??يات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته اسحاق ڊار ان فرا?? ۾ ??ريف خاندان جي معاونت جي لاءِ فارن ڪر??سي جا جعلي بي نامي اڪائونٽس کولرايا. پڪڙجڻ تي اسحاق ڊار واعده معاف گواهه بڻجي ويو ۽ هن لاڳاپيل عملدارن کي پنهنجو تفصيلي بيان به رڪارڊ ڪرايو پر بعد ۾ اهو چئي ته کانئس اهو بيان زبردستي ورتو ويو، پنهنجي بيان تان ڦري ويو.
حديبيه پيپر ملز ڪيس اٽڪل 124 ملين رپين جي فراڊ جي ڪهاڻي آهي: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کے طریقے