اسلام آباد – 04 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سمورن مذهبن کي مڃيندڙن جي دل آزاري روڪڻ جي لاءِ قانوني قدمن تي زور ڏيندي چيو آهي ته دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جو ڪو مذهب ناهي هوندو، اظهار جي آزادي جي آڙ ۾ ناموس رسالت ﷺ جي شان ۾ گستاخي سان ڏيڍ ارب مسلمانن جي دل آزاري ٿئي ٿي ۽ اسلامو فوبيا سان بين المذاهب نفرت کي هوا ملي ٿي، مسل??ان دنيا کي متحد ٿي گڏيل ڪوششون ڪرڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلامي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن جي سفيرن سان ??لاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته هو او آءِ سي جي ميمبر ملڪن جي سفيرن کي ڀليڪار چوي ٿو. وزيراعظم چيو ته دنيا ۾ اسلامو فوبيا جو مسئلو اڳ کان ??ڌيڪ شدت اختيار ڪري چڪو آهي، مون وزيراعظم بڻجڻ کانپوءِ ڪوشش ڪئي ته مسل??ان ملڪن ۽ اولهه دنيا جي وچ ۾ جيڪو خال وڌي رهيو آهي ان کي گهٽ ڪي?? وڃي.
مضمون کا ماخذ : اسلام آباد لاٹری