اسلام آباد – 04 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ??يو آهي ته ڇنڇر ڏينهن قومي اسيمبلي مان اعتماد جو ووٽ وٺندس، جيڪڏهن اعتماد جو ووٽ نه وٺي سگهي?? ته اپوزيشن ۾ ويهي رهندس، پي ڊي ايم جا ??ڳواڻ ياد رکن آئون حڪومت ۾ هجان يا نه هجان ملڪ جي غدارن جو مقابلو ڪندو رهندس، جيستائين زنده آهيان قانون جي بالادستي لاءِ جدوجهد جاري رکندس، مون کي حڪومت وڃڻ سان ??و به فرق نٿو پوي، ميثاق جمهوريت ۾ سينيٽ چونڊون اوپن ڪرائڻ تي اتفاق ڪندڙن سپريم ??ور?? ۾ ان جي مخالفت ڪئي، انهن جو مقصد يوسف رضا گيلاني کي پئسن سان ??امياب ڪرائي منهنجي مٿان عدم اعتماد جي تلوار لٽڪائڻ هو، عوام کي فيصلو ڪرڻو آهي ته هن کي چورن جو ساٿ ڏيڻو آهي يا ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻو آهي، صرف قانون ڪرپشن ختم نٿا ڪري سگهن پر ان لاءِ پوري قوم کي جدوجهد ڪرڻي پوندي. قوم کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان ??يو ته سينيٽ جي ٿيندڙ چونڊن تي آئون پنهنجي قوم سان ??الهائڻ چاهيان ٿو، ان جي باري ۾ قوم کي سمجهائڻ ان لاءِ ضروري آهي ته جيڪڏهن کين ان ??ونڊ جي سمجهه اچي وڃي ته ملڪ جا ??مورا مسئلا سمجهي ويندا. وزيراعظم چيو ته ساڍا 6 سال پهرين خيبرپختونخوا ۾ جڏهن اسان جي حڪومت هئي تڏهن اسان ??ي خبر پئي ته سينيٽ چونڊن ۾ پئسو هلندو آهي ۽ اهو ڪم 40 سالن کان هلندو پيو اچي، تڏهن اسان مهم هلائي ته ملڪ ۾ اها ڪهڙي سياست هلي رهي آهي، پارليامنيٽ جا ميمبر ئي وزيراعظم، وڏن وزيرن، سينيٽ چيئرمين سميت اعليٰ عهديدارن تي فائز ٿيندا آهن، تڏهن اهو اسان جي لاءِ حيرت انگيز هو ته ميمبر ووٽ وٺي سينيٽر چ??نڊ??ائيندا آهن ۽ سينيٽر پئسا ڏئي ووٽ وٺندا آهن، اها ڪهڙي جمهوريت آهي، تڏهن اسان اوپن بيلٽنگ جي مهم هلائي، 2018ع جي سينيٽ چونڊن ۾ ووٽ وڪرو ڪندڙ پنهنجي 20 ميمبرن کي پارٽي مان ??ڍيو. هن چيو ته اسان ميثاق جمهوريت ۾ به مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلزپارٽي جي وچ ۾ سنيٽ چونڊون اوپن بيلٽنگ سان ٿيڻ جو معاهدو ٿيو، انهن جي اعليٰ عهديدارن جا ??ن جي حمايت ۾ بيان آيا، اسان ان حوالي سان سينيٽ ۾ قانون آندو تنهن هوندي به اسان ??ي انهن پارٽين جي حمايت نه ملي، پوءِ اسان اهو معاملو سپريم ??ور?? کڻي وياسين، ان دوران 2018ع جي سينيٽ چونڊن ۾ ووٽ خريد ڪرڻ ۽ وڪرو ڪرڻ جي وڊيو سامهون اچي وئي، معلوم ناهي ته سپريم ??ور?? ۾ اليڪشن ڪميشن ڇو اوپن بيلٽ جي خلاف ويو. سپريم ??ور?? بار بار چيو ته شفاف چونڊون ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جي آئيني ذميواري آهي، سپريم ??ور?? ۾ پي ڊي ايم جون سموريون پارٽيون ڳجهي بيلٽنگ جي حق ۾ ٿي ويون، پهرين اهي اوپن بيلٽنگ جي حق ۾ هيون، آئون اهو سوال پڇڻ چاهيان ٿو ته پهرين اهي اوپن بيلٽنگ جي حق ۾ هيون پوءِ اچانڪ ڇو ڳجهي ووٽنگ جي حق ۾ ٿي ويون. جڏهن ميثاق جمهوريت تي صحيحون ڪيون ويون تڏهن ڇو ان جي حق ۾ هئا.
اعتماد جو ووٽ نه وٺي سگهيس ته اپوزيشن ۾ ويهي رهندس، ملڪ جي غدارن جو مقابلو ڪندو رهندس: وزيراعظم عمران خان جو قوم کي خطاب
مضمون کا ماخذ : como jogar dupla sena