مظفرآباد – 03 آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاه?? محمود قريشي آزاد ڪشمير جو دورو ڪيو. ان دوران هن وزيراعظم هائوس آزاد ڪشمير جو دورو پڻ ڪيو. وزيراعظم جو ق??مي سلامتي وارو خاص معاون معيد يوسف پڻ پرڏيهي وزير سان گڏ هو. آزاد ڪشمير جي وزيراعظم راجا فاروق حيدر خان پرڏيهي وزير شاه?? محمود قريشي جي وزيراعظم هائوس ۾ آجيان ڪئي. پرڏيهي وزير مخدوم شاه?? محمود قريشي آزاد ڪشمير جي وزيراعظم راجا فاروق حيدر سان ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال ۽ 5 آگسٽ تي استحصال جي ڏهاڙي جي حڪم?? عملي بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير چيو ته پوري پاڪستاني قوم مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ پنهنجي ڪشميري ڀائرن سان گڏ بيٺل آهي. مخدوم شاه?? محمود قريش?? چيو ته ڀارت جي مسلسل ڏاڍ ۽ دٻاءُ باوجود 5 آگسٽ جي غيرقانوني قدم کي سمورا ??شميري رد ڪري چڪا آهن. مظلوم ڪشميرين جي آواز کي دنيا جي هر فورم تي اٿارينداسين. وزيراعظم راجا فاروق حيدر چيو ته معصوم ڪشميري دنيا جي چوٿين وڏي فوجي قوت جو ڄمي مقابلو ڪري رهيا آهن، پاڪستاني قوم پاران ڪشميرين سان يڪجهتي جي بي مثال مظاهري تي انهن کي سلام پيش ڪريون ٿا. پاڪستان ڪشميرين جو سڄي دنيا ۾ واحد وڪيل آهي.
پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي پاران آزاد ڪشمير جو دورو، آزاد ڪشمير جي وزيراعظم راجا فاروق حيدر سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : بلوچستان لاٹری