اسلام آباد – 10 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪت?? وزير مريم اورنگزيب چي?? آهي ته عمران خان جو انتشار ۽ الزامن جي سياست تي ٻڌل موقف سدائين تبديل ٿيندو رهند?? آهي. پاڪستان نيشنل آف دي آرٽ (پي اين سي اي) ۾ ٻئي پاڪستان انٽرنيشن مائونٽين فلم فيسٽيول (آءِ ايم ايف ايف) ج?? موقعي تي ڳالهائيندي مملڪت?? وزير مريم اورنگزيب چيو ته دهشتگردي پاڪستان کي متاثر ڪي?? آهي جنهن سبب ماڻهن کي مثبت تفريح جي ضرورت آهي ته جيئن ملڪ جي مثبت تشخص کي اجاگر ڪري سگهجي. هن چيو ته عالمي سطح تي پاڪستان جي مثبت تشخص کي اجاگر ڪرڻ اسان سڀني جي ذميواري آهي ۽ ان حوالي سان ماڻهن ک?? موقعا فراهم ڪرڻا پوندا. هن چيو ته وزيراعظم محمد نواز شريف مون کي سڀ کان اڳ فلم جي صنعت لاءِ پاليسي ٺاهڻ جي لاءِ چيو ۽ هن هدايت ڪئي ته فلم انڊسٽري جي مسئلن جي خاتمي لاءِ قدم کنيا وڃن.
مضمون کا ماخذ : پاور بال کی پیشن گوئی