تاشقند – 23 جون (اي پي پي) صدر ممنون حسي?? ۽ ??يني صدر شي چن پنگ ان عزم جو و??جا??ُ ڪيو آهي ته پاڪستا?? ۽ ??ين علائقائي سلامتي، خوشحالي ۽ عالمي امن جي لاءِ گڏجي ڪم ڪندا رهندا، ٻنهي ملڪن جا دوست ۽ دشمن گڏيل آهن ۽ هو دهشتگردي ،انتهاپسندي ۽ عليحدگي پس??دي جي رجحانن جي خلاف هڪٻئي سان تعاون جاري رکندا. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ هي اتفاق راءِ تاشقند ۾ ملاقات جي موقعي تي سامهون آ??و، ان موقعي تي ٻنهي ملڪن جا وفد به موجود هئا، صدر ممنون حسين جي مدد پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عزيز، پرڏيهي سيڪريٽري ۽ ٻين اعليٰ عملدارن ڪئي جڏهن ته چيني وفد ۾ پرڏيهي وزير وانگ هي، واپار وارو و??ير گائو هو چينگ ۽ ٻيا اعليٰ عملدار شامل هئا. چين جي صدر شي جن پنگ ان موقعي تي خطي، خاص طور تي افغانستان ۾ امن جي لاءِ پاڪستان جي ڪاوشن جي واکاڻ ڪئي.
مضمون کا ماخذ : لاٹری کھیلنے کا طریقہ