پيانگ يانگ-31 آڪٽوبر(اي پي پي) ا??ر ڪوريا نومبر ۾ بين البراعظم بيليسٽڪ ميزائل (آئي سي بي ايم ) لانچ ڪرڻ جون تياريون مڪمل ڪري ڇڏيون آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب ڏکڻ ڪوريا جي دفاعي اطلاعات ايجنسي (ڊي آئي اي ) جي آفيسرن قومي اسمبلي ۾ پارلياماني ميمبرن کي بريفنگ ڏني. بريفنگ کانپوءِ ڏکڻ ڪوريا جي ميمبرن ميڊيا کي ٻڌايو ته ا??ر ڪوريا نومبر ۾ ميزائل تجربو ڪري سگهي ٿو. 5 نومبر تي آمريڪي چونڊن کان اڳ يا بعد ۾ پنگي – آري سائ??ٽ مان آئي سي بي ايم ڇڏي سگهي ٿي. پارلياماني ميمبر ٻڌايو ته تياريون مڪمل آهن ۽ موبائل لانچر مخصوص علائقي ۾ مقرر ڪيو ويو آهي. پيانگ يانگ حڪومت پاران ان لانچ جو مقصد اهو آهي ته جيئن هُو ميزائل جي تجربن س??ن ٻي??ر پنهنجي ٽيڪنالاجي جي آزمائش ڪري سگهي. جاپاني خابرو ايجنسي ٻڌايو ته نئين آزمائش جو وقت ا??ر ڪوريا جي اڳواڻ ڪم جونگ ان پاران طئي ڪيو ويندو، 5500 ڪلوميٽرن کان مٿي مار ڪندڙ بيليسٽڪ ميزائلن جي بين البراعظمي طور درجه بندي ڪئي ويندي آهي ۽ انهن کي پهرين حصي ۾ ايٽمي تجربن لاءِ ڊزائن ڪيو ويو آهي. پيانگ يانگ هاڻي تائين پنگي آرسائ??ٽ مان 2006ع ، 2009ع ، 2013ع ، 2017ع ۾ هڪ ۽ 2016ع ۾ ٻه ايٽمي تجربا ڪيا.
اتر ڪوريا پاران بين البراعظم بيليسٽڪ ميزائل جي تجربي جون تياريون مڪمل
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کے اعدادوشمار