رياض – 08 مارچ (اي پي پي) سعودي عرب جي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان چيو آهي ته آرامڪو ڪم??ني جا 8 سيڪڙو شيئرز حڪومتي ملڪيت کان سعودي انويسٽمنٽ فنڊ جي ماتحت ڪم ڪندڙ ڪمپنين جي ملڪيت ۾ منتقل ڪيا ويا آهن. سعودي پريس ايجنسي مطابق ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته آرامڪو ڪم??ني جي شيئرز جي ملڪيت منتقل ڪرڻ کانپوءِ هاڻي ڪم??ني جي ڪل شيئرز مان 82.186 سيڪڙو سرڪاري ملڪيت ۾ رهجي ويا آهن. ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان چيو ته آرامڪو ڪم??ني جي شيئرز جي ملڪيت جي منتقلي ملڪ جي ڊگهي مدي واري معيشت کي سپورٽ ڪرڻ جي حڪومتي پاليسي جو حصو آهي. هن چيو ته سعودي انويسٽمنٽ فنڊ نون شعبن کي متعارف ڪرائڻ، نيون اقتصادي شراڪتداريون پيدا ڪرڻ، وڌيڪ نوجوانن کي ڀرتي ڪرڻ ۽ کين موقع?? فراهم ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي.
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے نمبر