انقره-06مارچ(اي پي پي)ترڪيه جي صدر رجب ??يب اردگان چيو آهي ته اسرائيلي آبادڪار اسرائيل – فلسطين تڪ??ار جي حل ۾ هڪ وڏي رڪاوٽ آهن. ميڊيا رپورٽن موجب غزه ۾ جنگ بندي جي ڪوششن جي حوالي سان ڳالهين لاءِ ترڪيه جي دوري تي آيل فلسطين?? هم منصب سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته اسرائيل – فلسطين تڪ??ار جي حل جي رستي ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ اسرائيلي آبادڪار آهن جن فلسطينين جي زمينن تي قبضو ڪيو ۽ چوري ڪئي،هن رمضان المبارڪ دوران والاريل بيت المقدس ۾ مسجد الاقصيٰ تائين بنا ڪنهن رڪاوٽ جي رسائي جو مطالبو ڪيو،هن چيو ته بن??اد پرست اسرائيلي سياستدانن پاران مسلمانن جي داخلا تي پابندي لڳائڻ وارو مطالبو غلط آهي،ان قسم جي قدمن جا نتيجا سنگين نڪرندا،ان موقعي تي فلسطيني صدر محمود عباس چيو ته رمضان المبارڪ شروع ٿيڻ وارو آهي ۽ اها ڳالهه سڀ ڄاڻن ٿا ته انتها پسند آبادڪار مسجد القصي ويندا آهن ۽ اتي حملا ڪندا آهن.
اسرائيلي آبادڪار اسرائيل – فلسطين تڪرار جي حل ۾ وڏي رڪاوٽ آهن: ترڪ صدر
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے اعدادوشمار