گڏيل قومون -09 آڪٽوبر (اي پي پي) گڏيل قومن ۾ فلسطين جي نمائندي ??يا?? منصور اسرائيل ۽ فلسطين وچ ۾ ڇڪتاڻ ۾ واڌ بعد اولهه جي ردعمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي، ته فلسطينين تي ڪيل ظلم تي عالمي برادري خاموش تماشائي بڻيل آهي. دنيا کي ٻٽو معيار ختم ڪرڻو پوندو. سعودي خابرو اداري مطابق هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته اسرائي?? کي دفاع جو حق ڏيڻ جي ڳالهه فلسطينين جي قتل عام جو لائسنس ڏيڻ جي برابر آهي. ??يا?? منصور چيو ته سندس ملڪ اسرائي?? کي انهن قدمن کان ڪيترائي ڀيرا خبردار ڪيو آهي، پر عالمي برادري ڪا به ڪارروائي ناهي ڪئي. هن چيو ته غزه ۾ جيڪي ڪجهه ٿيو اهو انهن قدمن جو نتيجو آهي ته اسرائي?? کي هاڻي پنهنجو رستو تبديل ڪ???? گهرجي. هن زور ڀريو ته اسرائيل جي غزه جي گهيراءَ سان شهرين جي ڏکيائين ۾ اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته اسرائي?? کي غزه جو گهيراءُ فوري طور تي ختم ڪر?? گهرجي ۽ قتل عام کي روڪڻ لاءِ اسان سان ڳالهائ?? گهرجي. هن چيو ته اسرائيل کان فلسطين جي عوام لاءِ عالمي تحفظ ڪٿي آهي؟ ??يا?? منصور چيو ته جڏهن مظلوم فلسطيني آهن پوءِ عالمي برادري خاموش آهي، اسان انسان ناهيون جو اسان جي قتل جي اجازت ڏني وڃي ۽ اسرائيلين جي قتل تي اعتراض ڪيو وڃي.
اسرائيل کي دفاع جو حق ڏيڻ فلسطينين جي قتل عام جو لائسنس ڏيڻ جي برابر آهي: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : لاہور لاٹری