اسلام آباد – 14 اپريل (اي پي پي) وفاقي ڪابينا کي اڏاوتن جي شعبي ۾ آسانيون فراهم ڪرڻ، ذخيره اندوزي ۽ اسمگلن?? جي روڪٿام ۽ ناڻي واڌ تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ ٻن آرڊيننس جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي، آرديننس ۾ ذخيره اندوزن ۽ اسمگلنگ ڪندڙن جي لاءِ سخت سزائون تجويز ڪيون ويون آهن، اهو قدم ناجائز منافعي خوري ۽ ذخيره اندوزي جي خاتمي لاءِ وزيراعظم عمران خان جي ويزن موجب رليف هيٺئين سطح تي پهچائڻ لاءِ هڪ قانوني ڪوشش آهي. ڪالهه اڱاري ڏينهن وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ وزيراع??م جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ صحافين کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته وزيراع??م جي هدايت تي اڏاوتن جي شعبي ۾ آسانيون فراهم ڪرڻ جي لاءِ وزيراع??م جي هدايت تي آرڊيننس آندو پيو وڃي، ذخيره اندوزي ۽ اسمگلن?? جي روڪٿام سان گڏوگڏ ناڻي واڌ کي ڪنٽرول ڪرڻ ۽ ضروري شين جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ وزيراع??م جي هدايت تي آرڊيننس ۾ ذخيره اندوزن ۽ اسمگلنگ ڪندڙن جي لاءِ سخت سزائون تجويز ڪيون ويون آهن. وفاقي ڪابينا قانونسازي بابت ڪابينا ڪ??يٽي جي 3 اپريل جي فيصلن، اقتصادي رابطا ڪ??يٽي جي 8 ۽ 9 اپريل جي فيصلن جي توثيق ڪئي.
وفاقي ڪابينا کي اڏاوتن جي شعبي ۾ آسانيون فراهم ڪرڻ، ذخيره اندوزي ۽ اسمگلنگ جي روڪٿام ۽ ناڻي واڌ تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ ٻن آرڊيننس بابت بريفنگ
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری