اسڪردو – 25 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي حڪومت رڳو نعرن ۽ دعوائن تي نه پر عملي قدمن تي يقين رکي ٿي، اسان نه رڳو منصوبا شروع ڪريون ٿا پر انهن کي پڄاڻي تائين پهچايون ٿا، جمهوريت جي تسلسل ۽ حڪومتن جي مدي پور ٿيڻ سان ئي عوام جا مسئلا حل ٿيندا، گلگت بلتستان جي ترقي لاءِ پرعزم آهيون ?? ان مقصد جي لاءِ ڪا ڪسر نه ڇڏينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن بلتستان يونيورسٽي جي افتتاح ۽ گلگت اسڪردو روڊ تي ڪم جي اڳڀرائي جي حوالي سان بريفنگ جي موقعي تي هڪ ميڙ کي خطاب ڪندي ڪيو. گلگت بلتستان جو گورنر مير غضنفر علي، گلگت بلتستان جو ??ڏو وزير ح??فظ حفيظ الرحمان، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن وارو وفاقي وزير ??وڌ??ي برجيس طاهر، مواصلات وارو وزير ح??فظ عبدالڪريم، مملڪتي وزير جنيد انوار ??وڌ??ي، گلگت بلتستان ڪائونسل، گلگت بلتستان قانونساز اسيمبلي جي ميمبرن ۽ علائقي جي اڳواڻن ??و هڪ ??ڏو انگ موجود هو.
مسلم ليگ (ن) جي حڪومت نعرن نه پر عملي قدمن تي يقين رکي ٿي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : ڈریگن اسپن