ڊن هوانگ (چين) – 19 سيپٽمبر (اي پي پي) ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر مسعود ملڪ چيو آهي ته سي پيڪ ۽ بيلٽ اينڊ روڊ منصوبن سان واڳيل ملڪ ۽ خطو پنهنجي ڪاميابين کي گڏ ڪري ترقي جي ر??تار تيز ڪرڻ جي زبردست موقعن مان فائدو حاصل ڪري سگهن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن چين جي صوبي گانسو جي شهر ڊن هوانگ ۾ بيلٽ اينڊ روڊ منصوبي تي منعقد ٿيندڙ ميڊيا ڪارپوريشن فورم کي خطاب ۾ ڪيو. فورم ۾ 126 ملڪن ۽ عالمي ادارن جي 265 صحافتي ادارن جي نمائندن شرڪت ڪئي. فورم جو اهتمام چين جي صوبي گانسو جي حڪومت ۽ ناليواري چيني اخبار پيپلز ڊيلي گڏيل طور تي ڪيو آهي. اي پي پي جي ايم ڊي مسعود مل?? پنهنجي خطاب ۾ چيو ته سي پيڪ بيلٽ اينڊ روڊ منصوبي جو اهو رخ آهي جنهن تي عملدرآمد ان وڏي منصوبي کي ڪاميابي جي د??ست??ن بڻائي ڇڏيندو.
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ آن لائن دستیاب