رياض – 11 مارچ (اي پي پي) سعودي عرب جي ??رمانروا خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز چيو آهي، ته اسان لاءِ تڪليف جو س??ب آهي جو رمضان المبارڪ جي ڀلاري مهيني ۾ به اسان جا فلسطيني ڀائر اسرائيلي جارحيت کي منهن ڏئي رهيا آهن. شاهه سلمان رمضان المبارڪ جي ڀلاري مهيني جي آمد تي مملڪت جي شهري ۽ سمورن مسلمانن کي مبارڪون ڏنيون. پنهنجي ??يغام ۾هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته عالمي برادري فلسطين ۾ جاري ??سرائيل جي ??حشياڻي ڏوهه کي روڪڻ، محفوظ انساني ۽امدادي راهداريون کولڻ جون ذميواريون ادا ڪري، ان مملڪت جي حدن جي حفاظت ڪندڙ عسڪري، سيڪيورٽي ادارن جي اهلڪارن ۽ وطن جي خدمتن ۾ مصروف مختلف کاتن سان تعلق رکندڙ سمورن سرڪاري ملازمن کي به ڀلاري مهيني جون خاص مبارڪون ڏنيون. شاهه سلمان چيو ته اسان الله پاڪ جو شڪر ادا ڪيون ٿا جنهن هن ملڪ کي اسلام جو س??چشمو بڻايو، جتان اسلام جو پيغام سڄي دنيا ۾ پکڙيو ۽ اسان کي الحرمين الشريفين ۽ ان جي زائرين جي خدمت جو موقعو ڏنو. پيغام جي آخر ۾ مملڪت جي امن ۽ خ??شحالي ۽ روزيدارن جا روزا قبول ٿيڻ جي دعا ڪئي.
رمضان المبارڪ ۾ فلسطيني ڀائرن کي اسرائيلي جارحيت جو منهن ڏسڻو پيو، عالمي برادري امن لاءِ ڪردار ادا ڪري: سعودي عرب
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی پیشگوئی