واشنگٽن – پهرين ڊسمبر(اي پي پي) آمريڪا اسرائيل تي زور ڏنو آهي ته ٻيهر ويڙهه شروع ٿيڻ جي صورت ۾ ڏکڻ غزه جي شهرين کي تحفظ فرا??م ڪيو وڃي. برطانوي خابرو اداري رائٽرزآمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان جي بيان جي حوالي سان ٻڌايو ته پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو سان ملاقات دوران ان ڳالهه تي زور ڏنو غزه ۾ ڪنهن ??ه فوجي ڪاروائي کان اڳ انساني ضرورتن ۽ شهرين جي تحفظ کي نظر ۾ ر??يو وڃي. انٽوني بلنڪن اسرائيل تي زور ڏنو ته هو شهرين کي نقصان پهچائڻ کان بچڻ لاءِ سمورا امڪاني قدم کڻي. هن ??سرائيلي وزيراعظم تي زور ڏنو ته هو اولهندي ڪناري ۾ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي ۽ انتهاپسند آبادڪارن کي جوابده قرار ڏيڻ لاءِ فوري قدم کڻي.
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کی پیشن گوئی