اسلام آباد – 06 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف انساني اسمگلنگ ۾ ملوث سرڪاري اهلڪارن جي خلاف کنيل تازن قدمن کي ساراهيندي چيو آهي ته انساني اسمگلرن جي س??ول??ڪار سرڪاري آفيسرن جي خلاف سخت ڪا??رو??يون خوش آئنده آهن، انساني اسمگلنگ ۾ ملوث سمورن گروهن جي خلاف سخت ڪا??رو??ئي ڪئي وڃي ۽ انهن کي عبرت جو نشان بڻايو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ملڪ ۾ انساني اسمگلنگ جي خلاف قدمن جي حوالي سان جائزه اجلاس ٿيو. وزيراعظم ايف آءِ اي پاران انساني اسمگلنگ ۾ ملوث سرڪاري اهلڪارن جي خلاف کنيل قدمن کي ساراهيندي چيو ته انساني اسمگلرن جي س??ول??ڪار سرڪاري آفيسرن جي خلاف تازين سخت ڪا??رو??ين جي شروعات خوش آئنده آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته س??ول??ڪارن جي خلاف سخت ڪا??رو??ئي کانپوءِ سخت قدم پڻ کنيا وڃن. ملڪ ۾ انساني اسمگلنگ جي سمورن گروهن جي خلاف سخت قانوني ڪا??رو??ئي ڪئي وڃي ته جيئن اهي عبرت جو نشان بڻجن. وزيراعظم حڪم ڏنو ته انساني اسمگلرن جي ملڪيتن ۽ اثاثن جي ضبطگي جي لاءِ فوري قانوني ڪا??رو??ئي عمل ۾ آندي وڃي ۽ ان مڪروهه ڌنڌي ۾ ملوث سمورن ماڻهن جي خلاف پراسيڪيوشن جي عمل کي وڌيڪ موثر بڻايو وڃي ۽ قانون ۽ انصاف واري وزارت سان مشاورت کانپوءِ اعليٰ ترين درجي جا وڪيل مقرر ڪيا وڃن. پرڏيهي آفيس ٻاهرئين ملڪن مان انساني اسمگلنگ جو ڪاروبار هلائيندڙ پاڪستانين جي خلاف ڪا??رو??ئي جي لاءِ ڪيترن ئي ملڪن سان رابطو ڪري ۽ انهن جي پاڪستان حوالگي جي حوالي سان جلد کان جلد قدم کڻي. هن اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت کي گهرو وزارت جي تعاون سان عوام ۾ ٻاهرئين ملڪ نوڪرين جي لاءِ رڳو قانوني رستو اختيار ڪرڻ جي حوالي سان آگاهي مهم هلائڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظ?? چيو ته ملڪ ۾ اهڙن ٽيڪنيڪل ٽريننگ ادارن جو واڌارو ڪيو وڃي جيڪي موجوده دور جي گهرجن موجب سرٽيفائيڊ ۽ پيشيواراڻي مهارت رکندڙ افرادي قوت ٻاهرئين ملڪ فراهم ڪري سگهن. هن هوائي اڏن تي ٻاهرئين ملڪ ويندڙ ماڻهن جي اسڪريننگ جو عمل وڌيڪ موثر بڻائڻ جي پڻ هدايت ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي ملڪ ۾ انساني اسمگلنگ جي خلاف کنيل قدمن، س??ول??ڪارن جي خلاف قانوني ڪا??رو??ئي ۽ انساني اسمگلنگ جي خاتمي لاءِ قانونسازي جي حوالي سان اڳڀرائي تي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام ۽ لاڳاپيل ادارن جي اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي.
وزيراعظم پاران انساني اسمگلنگ ۾ ملوث سرڪاري اهلڪارن جي خلاف کنيل تازن قدمن جي ساراهه
مضمون کا ماخذ : como jogar lotomania