اسلام آباد – 27 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زر??اري شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي 17هين شهادت جي ڏهاڙي تي کيس شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته سندس شخصيت اميد، سگهه، جمهوريت ۽ انصاف جي ??صولن سان پختي وابستگي جو مجسمو هئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب ??در ان موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته شهيد بي بي اسان سڀني جي لاءِ مشعل راهه هئي، هن هڪ اهڙي پاڪستان جو خواب ڏٺو جتي رنگ، طبقي ۽ مسلڪ کان مٿانهون ٿي سمورن شهرين جي ??قن جو تحفظ ڪيو ويندو ۽ عوام جي ??اقت راڄ ڪندي. هن چيو ته محترمه بينظير ڀٽو چيو هو ته ”جمهوريت بهترين انتقام آهي“، اهي لفظ ڏاڍ ۽ آمريت جو منهن ٽوڙ جواب ئي نه هئا پر عوامي طاقت تي ان جي گهري اعتماد جا عڪاس به هئا. صدر چيو ته شهيد بينظير ڀٽو هڪ اهڙي پاڪستان جي ??واهشمند هئي جتي هر ٻار کي تعليم تائ??ن پهچ حاصل هجي، جتي عورتون برابري جي ??نياد تي ترقي ڪري سگهن ۽ جتي انصاف هڪ آ??ائش نه پر حق هجي. صدر چيو ته شهيد بينظير ڀٽو پنهنجي ??موري زندگي معاشري جي پيڙهيل طبقن ۽ عورتن جي ??ودمختياري جي لاءِ آواز بلند ڪرڻ ۽ ڪم ڪرڻ ۾ لڳائي. هن چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ??ندگي بي پناهه جرئت جو سفر ۽ اسان جي لاءِ تحريڪ ۽ همت جو سبب هئي، مشڪلاتن ۽ ظلم ۽ ڏاڍ جي ??اوجود جمهوريت جي ??حالي ۽ استحڪام ۽ عوام جي ??ياسي، معاشي ۽ سماجي ??قن جي ??حفظ جي لاءِ آمريتن جي ??لاف ڄميل رهي. صدر چيو ته شهيد بينظير ڀٽو واضح لفظن ۾ چيو ته ”ناانصافي ۽ ظلم جي ??لاف جنگ منهنجي ??ندگي جي ??نگ آهي“. ان مقصد جي لاءِ هوءَ سڄي زندگي وڙهي ۽ شهادت ماڻي ۽ اڄ به لکين ماڻهن جي ??لين ۾ زندهه آهي. صدر آصف علي زر??اري چيو ته شهيد بي بي جو پختو يقين هو ته ”هڪ انسان کي قيد ڪري سگهجي ٿو پر هڪ نظريي کي نه، هڪ انسان کي جلاوطن ڪري سگهجي ٿو پر هڪ نظريي کي نه، هڪ انسان کي قتل ڪري سگهجي ٿو پر هڪ نظريي کي نه.“ صدر چيو ته بطور صدر پاڪستان آئون شهيد بينظير ڀٽو جي هڪ پرامن، ترقي پسند ۽ جمهوري پاڪستان جي ويزن کي اڳتي وڌائڻ جي ??زم جو ورجاءُ ڪريان ٿو. هن چيو ته شهيد بي بي جو نظريو اڄ به زندهه آهي ۽ اسان کي هڪ متحد ۽ انصاف تي ٻڌل پاڪستان جي ??عمير جي لاءِ اختلافن کان مٿانهون ٿي ڪم ڪرڻ جو درس ڏي ٿو، تنهن ڪري اچو اسان محترمه بينظير ڀٽو جو نه رڳو شهادت جو ڏهاڙو ملهايون پر ان جي پائيدار ميراث جي پيروي ڪرڻ جو وچن ڪريون. صدر چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو ۽ اسان جي ??اندان جمهوريت ۽ پاڪستان جي لاءِ پنهنجي ??انين جا نذرانا پيش ڪيا. هن چيو ته اهو منهنجو پختو يقين آهي ته اسان کي بحيثيت قوم ملڪ کي موجوده چئلينجز مان ڪڍڻ جي لاءِ سندس ويزن مان سبق حاصل ڪرڻ جي ??رورت آهي. صدر چيو ته اچو شهيد بينظير ڀٽو جي هڪ پرامن، ترقي پسند ۽ جمهوري پاڪستان جي ??واب جي ??ڪميل جي لاءِ گڏجي ڪم ڪريون. صدر چيو ته شهيد بينظير ڀٽو جي ميراث ابدي آهي، سندس همت بي مثال آهي ۽ سندس ويزن اسان جي لاءِ مشعل راهه آهي.
شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي شخصيت اميد، سگهه، جمهوريت ۽ انصاف جي اصولن سان پختي وابستگي جو مجسمو هئي: صدر آصف علي زرداري
مضمون کا ماخذ : resultados loteria ریو ڈی جنیرو