اسلام آباد – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته پاڪستان هلندڙ سال دوران ڪشميري عوام جي لاءِ سمورن ??طر??ن ۽ علائقائي فورمز تي آواز اٿاريو، پاڪستان ڀا??ت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين جي خاتمي، ڪشميري عوام جي خواهشن ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي حل جو مطالبو ڪيو. پريس بريفنگ ۾ هن چيو ته پاڪستان ڀا??ت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڪشميري پارٽين تي پابندي جي ڀا??تي عملدارن جي فيصلي جي مذمت ڪئي ۽ ڪشميري ڪارڪنن ۽ انساني حقن جي محافظن جي آزادي جو مطالبو ڪيو. هن چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار کي ??طر??ي ۽ گهڻ رخي فورمز تي اجاگر ڪيو ويو جڏهن ته 15ه??ن اسلامي سربراهي ڪانفرنس ۽ او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن و??ري ڪائونسل جي 50ه??ن اجلاس ۾ ڪشمير ڪاز جي ڀرپور حمايت جو اظهار ڪندي ڪيتريون ئي قراردادون منظور ڪيون ويون. هن چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير تي او آءِ سي جي رابطا گروپ جا ٽي اجلاس هن سال مئي، آگسٽ ۽ سيپٽمبر ۾ ٿيا. ترجمان چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي حل لاءِ هر ممڪن سياسي ۽ سفارتي ڪوششون ج??ري رکندو.
پاڪستان هلندڙ سال دوران ڪشميري عوام جي لاءِ سمورن ٻطرفن ۽ علائقائي فورمز تي آواز اٿاريو: پرڏيهي آفيس
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری