اسلام آباد – 02 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته سعودي عرب پاڪستان جو پراڻو دوست آهي جنهن هر مشڪل وقت ۾ پاڪستان جو ??اٿ ڏنو، سعودي عرب سان ڪيترن ئي شعبن ۾ حصيداري جاري آهي، پاڪستان پنهنجي ڀائر ملڪ سعودي عرب سان تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جو ??واهشمند آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ پاڪستان ۽ سعودي ع??ب جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون ۽ سيڙپڪاري جي اڳڀرائي جي حوالي سان جائزه اجلاس ٿيو. وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ جاري مختلف منصوبن جي اڳڀرائي تي اطمينان جو ??ظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته سعودي عرب پاڪستان جو پراڻو دوست آهي جنهن هر مشڪل وقت ۾ پاڪستان جو ??اٿ ڏنو آهي. وزيراعظم چيو ته سعودي عرب سان ڪيترن ئي شعبن ۾ حصيداري جاري آهي، پاڪستان پنهنجي ڀائر ملڪ سعودي عرب سان تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جو ??واهشمند آهي. وزيراعظم کي نومبر ۾ منعقد پاڪستان سعودي ع??ب جوائنٽ ??اسڪ فورس جي ٻئي اجلاس ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون جي اڳڀرائي تي بريفنگ ڏني وئي جنهن موجب مختصر عرصي ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سيڙپڪاري جي 34 مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ٿيون جنهن مان 7 کي معاهدن جي شڪل ڏني وئي آهي جن جي ماليت 560 ملين ڊالر آهي. اجلاس ۾ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان خان چيما، ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، پيٽروليم واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي قومي ڪوآرڊينيٽر ليفٽيننٽ جنرل سرفراز احمد ۽ اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.
سعودي عرب پاڪستان جو پراڻو دوست آهي جنهن هر مشڪل وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لاٹری آن لائن