اسلام آباد – 15 – ??ڪٽ??بر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪستان ۽ ڪر??زستان جي وچ ۾ ٻطرفي واپاري ڪاٿي ۾ اضافي جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻطرفي واپار ۾ معياري مصنوعات ۽ گهڻن رُخن شعبن وسيلي اضافو ڪري سگهجي ٿو، ڪر??زستان سان سمورن گڏيل دلچ??پي جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جا خواهشمند آهيون. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب اها ڳالهه صدر آصف علي زرداري ڪر??زستان جي وزيرن جي ڪابينا جي چيئرمين زاپاروف اڪيل بيڪ سان ملاقات دوران ڪئي جنهن صدر سان ملاقات ڪئي. صدر چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي واپاري ڪاٿي ۾ اضافي جي ضرورت آهي، ٻطرفي واپاري ڪاٿي ۾ معياري مصنوعات ۽ گهڻن رُخن شعبن وسيلي اضافو ڪري سگهجي ٿو. صدر چيو ته ڪر??زستان ڪر??چي ۽ گوادر بندرگاهن مان فائدو کڻي سگهي ٿو. هن چيو ته ڪر??زستان سان سمورن گڏيل دلچ??پي جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جا خواهشمند آهيون. صدر آصف علي زرداري چيو ??ه سلامتي ڪائونسل جي غيرمستقل سيٽ تي پاڪستان جي ڪامياب چونڊ ۾ ڪر??زستان جي حمايت تي ٿورائتا آهيون. ملاقات ۾ ڪر??زستان جي وزيرن جي ڪابينا جي چيئرمين زاپاروف اڪيل بيڪ پڻ ڳالهائيندي چيو ته دوست ملڪن سان واپار جو فروغ ڪر??زستان جي ترجيح آهي، ڪر??زستان معيشت، ڪاروبار ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻ جو خواهشمند آهي. زاپاروف اڪيل بيڪ چيو ته ڪر??زستان جي معاشي ترقي جي ڪري تعميراتي ۽ ٽيڪسٽائيل شعبي ۾ افرادي قوت جي لاءِ وڏا موقعا آهن. هن چيو ته ڪر??ز شهرين جي لاءِ پاڪستاني ويزا جاري ڪرڻ جو عمل آسان بڻائڻ تي ٿورا مڃُون ٿا.
پاڪستان ۽ ڪرغزستان ۾ ٻطرفي واپاري جي ڪاٿي ۾ معياري مصنوعات ۽ گهڻن رُخن شعبن وسيلي اضافو ڪري سگهجي ٿو: صدر آصف علي زرداري
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کی پیش گوئی