اسلام آباد -03 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي قائم ڪيل جيمز اينڊ اسٽونز بابت اسٽيئرنگ ڪميٽي جي چيئرمين ۽ وفاقي وزير عبدالعليم خا?? چيو آهي، ته جيمز اينڊ اسٽونز کي صنعت جو درجو ڏئي لکين ڊالر ڪمائي سگهجن ٿا، ان شعب?? جي ري اسٽرڪچرنگ اهم معاملو آهي، جنهن جي ڏکيائين کي هنگامي بنيادن تي حل ڪرڻو پوندو، جيمز اينڊ اسٽونز لاءِ اسان کي گڏيل ايجنڊا سان اڳيان وڌڻو پوندو. انهن خيالن جو اظهار هن گذريل ڏينهن اسٽيئرنگ ڪميٽ?? جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ نجي شعب?? جي مشاورت سان قيمتي پٿرن سان لاڳاپيل مسئلن جي ترجيحي فهرست کي حتمي صورت ڏني وئي آهي. اجلاس ۾ جيمز اينڊ اسٽونز ۾ بهتري آڻڻ لاءِ ڀارت ۽ ٻين ملڪن جو تقابلي جائزو به ورتو ويو. وفاقي وزير چيو ته جيمز اينڊ اسٽونز سان لاڳاپيل سمورن ادارن کي فعال ۽ بامقصد بڻائڻو پوندو، قيمتي پٿرن لاءِ لاجسٽڪ، ڪوريئر سروس?? ۽ ??اڪستاني سفارتخانن جون مارڪيٽنگ تي به تجويزون غور هيٺ آهن. عبدالعليم خا?? چيو ته اصل مقصد تي ڌيان ڏئ?? جيمز اينڊ اسٽونز مان وڌ کان وڌ فائدو کڻڻو پوندو. وزيراعظم ايندڙ ڇهن مهينن ۾ ان شعبي ۾ عملي ۽ واضح اڳڀرائي چاهي ٿو. جيمز اينڊ اسٽونز لاءِ اسان کي گڏيل ايجنڊا سان اڳيان وڌڻو پوندو. ه?? چيو ته ان شعب?? جي بهتري لاءِ تجويزن کي جلد حتمي شڪل ڏئي پاليسيون جوڙڻيون آهن. جيمز اينڊ اسٽونز هڪ هنڌ هئڻ ۽ باقاعده اسٽرڪچر ٺاهڻ تمام ضر??ري آهي. پيٽروليم انڊسٽري ۽ ڪامرس جي وزارتن جي آفيسرن کي آن بورڊ ورتو ويندو. چيئرمين اسٽيئرنگ ڪميٽي هدايت ڪئي ته سمورا لاڳاپيل ادارا آن بورڊ ٿ?? جيمز اينڊ اسٽونز لاءِ گڏيل پاليسي جوڙين. وفاقي وزر حڪومتي پاليسي ٺاهڻ لاءِ سب ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي. عبدالعليم خا?? چيو ته جيمز اينڊ اسٽونز سان واڳيل ڪاروباري ماڻهن کي حڪومتي سطح تي هر ممڪن مد?? فراهم ڪنداسين، نجي شعبو به ايندڙ ڏينهن ۾ سفارشن کي حتمي شڪل ڏئي.
جيمز اينڊ اسٽونز کي صنعت جو درجو ڏئي لکين ڊالر ڪمائي سگهجن ٿا: عبدالعليم خان
مضمون کا ماخذ : کنگ میکر