اسلام آباد -02 سيپٽمبر (اي پي پي) ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن ۽ رٿابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال جي ??دارت هيٺ بلوچستان ۾ پي ايس ڊي پي تحت جاري منصوبن جو جائزه اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ بلوچستان ۾ جاري پي ايس ڊي پي منصوبن بابت تفصيلي آگاهه ڪيو ويو. ان موقعي تي وفاقي وزير چيو ته صوبا پنهنجي ??رجيحن مطابق پي ايس ڊي پي منصوبن لاءِ لائحه عمل تيار ڪن، پوري ڪوشش آهي ته بلوچستان صوبي جي منصوبن لاءِ فنڊز جي فر??همي يقيني بڻايون. هن چيو ته بلوچستان ۾ سيڪيورٽي جي ??ور??حال تي اهم قدمن جي ??رورت آهي. مقامي ماڻهن کي ئي ايف سي جون خدمتون سونپيون وڃن ۽ انهن کي ضروري تربيت فر??هم ڪئي وڃي، جن منصوبن تي 70 سيڪڙو ڪم ٿي چڪو آهي انهن کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪيو ويندو. هن چيو ته اسپارڪو جي مدد سان ملڪ ۾ موجود 15 سال اول ۽ اڄ جي ڊيمن تي رپورٽ تيار ڪئي وڃي. بلوچستان ۾ ترقياتي منصوبن جي ??والي سان عوام کي آگاهه ڪرڻ جي ??رورت آهي.
وفاقي وزير احسن اقبال جي صدارت هيٺ بلوچستان ۾ پي ايس ڊي پي تحت جاري منصوبن جو جائزه اجلاس
مضمون کا ماخذ : Raging Rhino