ڪراچي – 09 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪس??ان ۾ زرعي روانگي واپار ۾ اضافي جا وسيع موقعا موجود آهن، جديد ٽيڪنالاجي ۽ تحقيق ۽ ترقي جي ذريعي روانگي واپار ۾ اضافو ممڪن آهي، پاڪس??ان حڪومت آبادگارن ۽ برآمد ڪندڙن کي سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي، وفاق ۽ صوبن کي گڏجي زرعي شعبي جي ترقي تي ڌيان ڏيڻو آهي، ايندڙ سال جي لاءِ زرعي روانگي واپار جو هدف 7 ارب ڊالر هجڻ گهرجي، هر سال هڪ هزار گريجوئيٽس کي زرعي تربيت جي لاءِ چين موڪليو ويندو، ارشد نديم اولمپڪس ۾ سون جو تمغو کٽي ملڪ جو ڳاٽ فخر سان بلند ڪري ڇڏيو، وطن واپسي تي سندس شاندار استقبال ڪيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ٻي عالمي فوڊ اينڊ ايگريڪلچر نمائش جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ سنڌ جو گورنر ڪامران خان ٽيسوري، سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، واپارو وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، ناڻي وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب، صنعت ۽ پيداوار وارو وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، مواصلات وارو وفاقي وزير عبدالعليم خان، ا??لا??ات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، جهاز راني ۽ بندرگاهن وارو وفاقي وزير قيصر احمد شيخ ۽ تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت وارو وفاقي وزير خالد مقبول صديقي پڻ موجود هئا. وزيراعظم تقريب کي خطاب جي شروع ۾ ارشد نديم کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته ??سا?? پنهنجي هيرو ارشد نديم کي اولمپڪس ۾ گولڊ ميڊل کٽڻ تي مبارڪباد پيش ڪريون ٿا، 40 سالن کانپوءِ پاڪس??ان سون جو تمغو حاصل ڪيو آهي، هي ??سا?? جي لاءِ هڪ انتهائي اهم لمحو ۽ وڏو اعزاز آهي، ارشد نديم سون جو تمغو حاصل ڪري پاڪس??ان جي لاءِ تمام وڏو تاريخي ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي ۽ ملڪ جو ڳاٽ فخر سان بلند ڪيو آهي. ??سا?? کي هاڻي ڪرڪيٽ ۽ هاڪيءَ سميت ٻين راندين ۾ پڻ ڪاميابي حاصل ڪرڻي آهي، ارشد نديم جي ڪاميابي تي الله تعاليٰ جا ٿورا ادا ڪريون ٿا. ان جي ڪاميابي سان ??سا?? کي هڪ اميد ۽ حوصلو مليو آهي، زندگي چئلينجن سان ڀرپور آهي پر جيڪڏهن ??سا?? همت ڪريون ته ڪجهه به ناممڪن نه آهي. ارشد نديم جو پاڪس??ان اچڻ تي شاندار استقبال ڪيو ويندو. وزيراعظم پنهنجي خطاب ۾ چيو ته پاڪس??ان جي زرعي مصنوعات جو روانگي واپار 3 ارب ڊالر تائين پهچي ويو آهي، ايندڙ سال جي لاءِ زرعي روانگي واپار جو هدف 7 ارب ڊالر هجڻ گهرجي، پاڪس??ان ۾ تمام گهڻي صلاحيت آهي، روانگي واپار جي اضافي تي برآمد ڪندڙن ۽ لاڳاپيل عملدارن کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، ??سا?? کي پنهنجي في ايڪڙ پيداوار ۾ اضافي کي يقيني بڻائڻو آهي ۽ ان جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي ۽ طريقن کي اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي، وفاق ۽ صوبن کي گڏجي زرعي شعبي جي ترقي تي ڌيان ڏيڻو آهي، زرعي ماهرن جي خدمتن سان زرعي پيداوار ۾ اضافو ڪري سگهجي ٿو، ريسرچ ۽ ڊيولپمينٽ طرف ڌيان وڌائڻ جي لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو، جديد ٽيڪنالاجي ۽ تحقيق ۽ ترقي جي ذريعي روانگي واپار ۾ اضافو ممڪن آهي، پاڪس??ان ۾ زرعي روانگي واپار ۾ اضافي جا وسيع موقعا موجود آهن، ??سا?? کي زرعي مصنوعات جي ويليو ايڊيشن طرف وڃڻو پوندو. وزيراعظم چيو ته ننڍي ۽ وچولي درجي جي صنعتن لاءِ ڳوٺاڻي علائقن ۾ قرضن جي فراهمي وڌائڻ جي ضرورت آهي. ??سا?? جا ڳوٺاڻا علائقا ترقي ڪندا ته ان سان ملڪ ترقي ڪندو، جديد ٽيڪنالاجي، تحقيق ۽ ترقي جي ذريعي روانگي واپار ۾ اضافو ممڪن آهي. چين زرعي شعبي ۾ جديد ٽيڪنالاجي کي استعمال ڪري ترقي جون منزلون طئي ڪيون آهن. پاڪس??ان حڪومت برآمد ڪندڙن ۽ آبادگارن کي هر قسم جو تعاون فراهم ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي. ڳوٺاڻي علائقن ۾ آبادگارن کي قرضن جي فراهمي سان پيداوار ۾ اضافو ٿيندو. وزيراعظم چيو ته چين جي دوري دوران مون جديد ترين مرڪز جو دورو ڪيو، جتي جديد ٽيڪنالاجي ذريعي ئي ترقي کي يقيني بڻايو ويو آهي. وزيراعظم چيو ته موجوده حڪومت زرعي شعبي جي ترقي جي لاءِ ۽ روانگي واپار ۾ اضافي جي لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهي آهي. بلوچس??ان ۾ بجلي تي هلندڙ 28 هزار ٽيوب ويلز کي شمسي توانائي تي منتقل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. وفاقي حڪومت هڪ هزار شاگردن کي جديد زرعي تربيت جي لاءِ چين موڪليندي. حڪومت آبادگارن ۽ برآمد ڪندڙن کي سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. جانورن جي نشونما جي شعبي ۾ به چين ۽ پاڪس??ان جي وچ ۾ تعاون جا وسيع موقعا موجود آهن. وزيراعظم چيو ته پاڪس??ان جا سعودي عرب، يو اي اي، قطر، ڪويت ۽ ترڪيه سان منفرد لاڳاپا آهن. نار ملڪن سان نه رڳو روانگي واپار، معدنيات ۽ ٻين شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏئي سگهون ٿا پر گڏيل زرعي منصوبا شروع ڪري سگهجن ٿا. جيڪڏهن ??سا?? محنت ڪريون ته هر مشڪل آسان ٿي سگهي ٿي. بعد ۾ وزيراعظم ٻي عالمي فوڊ اينڊ ايگريڪلچر نمائش جو افتتاح ڪيو ۽ مختلف اسٽالز جو معائنو ڪيو، وزيراعظم کي اسٽالز بابت بريفنگ ڏني وئي ۽ هن دنيا جي مختلف ملڪن مان آيل نمائندن سان ملاقات ڪئي ۽ انهن سان خيالن جي ڏي وٺ پڻ ڪئي. وزيراعظم زرعي شعبي ۾ بهترين ڪارڪردگي تي برآمد ڪندڙن کي ايوارڊز پڻ ڏنا. تقريب کي واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان ۽ ٽريڊ ڊيولپمينٽ اٿارٽي آف چيئرمين جي چيف ايگزيڪيوٽو زبير موتي والا پڻ خطاب ڪيو.
پاڪستان ۾ زرعي روانگي واپار ۾ اضافي جا وسيع موقعا موجود آهن، جديد ٽيڪنالاجي ۽ تحقيق ۽ ترقي جي ذريعي روانگي واپار ۾ اضافو ممڪن آهي، پاڪستان حڪومت آبادگارن ۽ برآمد ڪندڙن کي سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : como apostar na mega sena