اسلام آباد – 19 – جنوري (اي پي پي) ??گر??ن پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني ايران جي پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ گڏيل اعتماد ۽ تعاون جي جذبي جي بنياد تي ساڻس گڏ ڪم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ ويجهي ڀائراڻن لاڳاپن کي اجاگر ڪندي ??گر??ن پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني گڏيل اعتماد ۽ تعاون جي جذبي جي بنياد تي ايران سان گڏ ڪم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. ??گر??ن پرڏيهي وزير ان ڳالهه تي زور ڏنو ته عل??ئقائي سالميت ۽ خودمختيا??ي جي احترام جي ان تعاون کي سگهه ڏيڻ گهرجي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن ان ڳالهه تي ات??اق ڪيو ته دهشتگردي جي خاتمي ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين رخن تي ورڪنگ ليول جي تعاون ۽ ويجهي لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ گهرجي. هنن ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ تي پڻ ات??اق ڪيو. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي سفيرن جي پنهنجي پنهنجي گادي وارن شهرن ۾ واپسي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني جو ايران جي پرڏيهي وزير سان ٽيليفونڪ رابطو، ڇڪتاڻ گهٽائڻ تي اتفاق
مضمون کا ماخذ : پاور بال انعامات