اسلام آباد – 10 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي فل??طي?? جي صدر محمو?? عباس کي ٽيليفون ڪري پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت پاران اسرائيل پاران 7 ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان فل??طي?? جي معصوم ماڻهن تي ڪيل ظلمن تي دلي همدرديءَ ۽ ڏک جو اظهار ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر چيو ته غزه جي صورتحال انتهائي تڪليف ڏيندڙ آهي، پوري پاڪستاني قومي اسرائيلي سيڪيورٽي فورسز جي ڏاڍ ۽ دهشتگردي تي ڏکويل آهي. صدر اسرائيل پاران شديد بمباري ۽ اسڪولن ۽ اسپتالن کي به نشانو بڻائڻ جي مذمت ڪئي ۽ چيو ته وحشياڻي قدمن جي نتيجي ۾ عورتن، ٻارن، صحت جي شعبي، صحافين ۽ گڏيل قومن جي امدادي ڪارڪنن سميت هزارين فل??طي??ي مارجي ويا. هن چيو ته غزه جي موجوده صورتحال اسرائيل جي ڏهاڪن کان نسلي فرق ۽ غيرمنصفاڻي پاليسين جو ردعمل آهي. صدر مسلمانن جي نسل ڪشي ۽ انهن کي پنهنجي علائقن مان بيدخل ڪرڻ تي اسرائيل جي مذمت ڪئي. هن ع??ه جي عوام جي خلاف اسرائيل جي قاتلاڻي مهم روڪڻ جي لاءِ عالمي برادري پاران ع??م ڪارروائي تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب ف????طي?? مسئلي جي حل لاءِ فل??طي?? جي حمايت جاري رکندو. صدر چيو ته عالمي برادري فوري جنگبندي ۽ غزه تائين انساني همدرديءَ جي بنياد تي لنگهه کولڻ جي لاءِ قدم کڻي ۽ فل??طي??ين جي پنهنجي وطن مان وڌيڪ بيدخلي روڪڻ، سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ف????طي?? مسئلي جي مستقل حل جي لاءِ ڪوششون ڪري. فل??طي??ي صدر محمو?? عباس چيو ته اسرائيل غزه ۾ نسل ڪشي ڪري رهيو آهي. هن اسرائيل کي فل??طي??ي سرزمين تي ويڙهه کي روڪڻ سان گڏوگڏ انساني امداد جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ غزه جي لاءِ لنگهه کولڻ جو پڻ مطالبو ڪيو. هن چيو ته غزه جي ماڻهن جي لاءِ خوراڪ، دوائون ۽ بجلي دستياب نه آهي. ان موقعي تي فل??طي??ي صدر محمو?? عباس فل??طي?? جي حمايت ۽ انساني امداد موڪلڻ تي پاڪستان جا ٿورا مڃيا.
صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاران فلسطين جي صدر محمود عباس کي ٽيليفون، اسرائيل پاران فلسطين جي معصوم ماڻهن تي ڪيل ظلمن تي ڏک جو اظهار
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا بونس