اسلام آباد – 01 – نومبر (اي پي پي) ??در ڊاڪٽر عارف عل??ي بيگناهه فلسطينين جي خلاف طاقت جي وحشياڻي استعمال جي مذمت ڪندي گهيراءُ ختم ڪرڻ ۽ فلسطينين جي لاءِ انساني همدرديءَ ??ي بنياد تي لنگهه کولڻ جو مطالبو ڪيو آه?? ۽ عالمي برادري تي زور ڏنو آه?? ته اها غزه ۾ جاري اسرائيلي جارحيت جي مذمت ڪري. هن چيو ته پاڪستان کي فلسطيني شهرين جي خلاف اسرائيلي جارحيت تي شديد ڳڻتي آه?? جنهن ۾ عورتن، ٻارن ۽ بزرگن سميت هزارين ماڻهو شهيد ٿي چڪا آه??. هن چيو ته پاڪستان يروشلم سميت سمورن والاريل عرب علائقن مان اسرائيل جي مڪمل انخلا سان گڏوگڏ فلسطينين جي لاءِ هڪ آزاد ملڪ قائم ڪرڻ جو حامي آه?? جنهن جو گادي وارو شهر القدس الشريف جي. ??در اهڙن خيالن جو اظهار ايوان ??در ۾ سفارتي سندون پيش ڪرڻ واري تقريب دوران ڪيو. اردن جي نامز?? سفير ڊاڪٽر مين اي ايم خرياسات، هولي سي جي نامز?? سفير آرچ بشپ جرمنو پينيموٽ اپوسٽولڪ نونسيو، جمهوريه چيڪ جي نامز?? سفير لاڊيسيلا وسٽين هوبل، برونائي دارالسلام جي نامزد هاءِ ڪمشنر ڪرنل (ر) پنگيرن حاجي ڪمال باشا ۽ پاڪستان ۾ قطر جي نامز?? سفير عل?? مبارڪ الخاطر ??در ڊاڪٽر عارف عل??ي پي پنهنجي سفارتي سندون پيش ڪيون ۽ بعد ۾ ساڻس جدا جدا ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي ??در چيو ته پاڪستان فلسطين جي صورتحال تي گهري نظر رکي آه?? ۽ فلسطيني عوام جي ناقابل تنسيخ حقن ??ي بحالي چاهي ٿو. هن ان ڳالهه تي روشني وڌي ته پاڪستان فلسطين ڪاز جي مسلسل حمايت ڪئي آه?? ۽ خطي ۾ پائيدار امن کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ سمورن عرب اسرائيل تڪرارن جو ٺوس حل چاهي ٿو. ??در چيو ته پاڪستان سمورن دوست ملڪن سان سياسي، اقتصادي ۽ ثقافتي رابطن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ کانسواءِ ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري جي لاڳاپن کي وڌائڻ جو خواهشمند آه??. هن ان ڳالهه تي روشني وڌي ته پاڪستان هڪ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جوڙي آه??، جنهن پاڪستان جي آءِ ٽي، ڪارپوريٽ فارمنگ، معدنيات ۽ توانائي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ ون ونڊو جي سهولت فراهم ڪئي آه??. ??در ڀارت پاران غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين کي پڻ اجاگر ڪيو. ??در سفيرن کي انهن جي نئين ذميوارين تي مبارڪباد ڏني ۽ ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته اهي پاڪستان سان پنهنجي پنهنجي ملڪن جي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ ڪردار ادا ڪندا.
صدر پاران بيگناهه فلسطينين جي خلاف طاقت جي وحشياڻي استعمال جي مذمت
مضمون کا ماخذ : آن لائن اور ایپلیکیشنز