ڪوئيٽا – 10 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪوئيٽا پهچي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان م??جب ڪوئيٽا انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي بلوچستان جي گورنر ملڪ عبدالولي خان ڪاڪڙ، بلوچستان جي نگران وڏي وزير مير علي مردان ڊومڪي، گهرو معاملن واري نگران وفاقي وزير سرفراز بگٽي استقبال ڪيو. ان م??قعي تي چيف سيڪريٽري بلوچستان شڪيل قادر خان ۽ آءِ جي پوليس بلوچستان عبدالخالق شيخ پڻ موجود هئا. نگران وزيراعظم پنهنجي دوري دوران بلوچستان صوبي ۾ نيشنل ايڪشن پلان لاڳو ڪرڻ جي موجوده صورتحال جي حوالي سان م??عقد ٿيندڙ بلوچستان ايپڪس ڪميٽي جي 14 هي?? اجلاس ۾ خصوصي شرڪت ??ندو. هو بلوچستان نگران صوبائي قيادت سان پڻ ملاقات ڪندو.
مضمون کا ماخذ : پاور بال