اسلام آباد – 31 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته سي پيڪ سان پاڪ??تا?? کي توانائي بحران تي ضابطو آڻڻ، اعليٰ معيار جي بنيادي ڍانچي جي تعمير سميت نه رڳو پاڪ??تا?? جي مختلف خطن پر پاڙيسري ملڪن سان رابطي کي فر??غ ڏيڻ ۾ مدد ملي آهي، چين ۽ پاڪ??تا?? گڏجي نه رڳو پنهنجي ماڻهن پر خطي جي تقدير جو پڻ تعين ڪندا. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته مون کي چين جي نائب وزيراعظم هي لي فينگ ۽ سندس وفد جي ميمبرن جو استقبال ڪندي تمام گهڻي خوشي ٿي جيڪي سي پيڪ جي 10 سالن واريُون تقريبون ملهائڻ جي لاءِ اسان سان گڏ شامل ٿيڻ جي لاءِ پاڪ??تا?? آيا. صدر شي جن پنگ جي خصوصي ايلچي طور هو پاڻ سان گڏ پاڪ??تا?? ۽ ان جي عوام سان دوستي جو پيغام کڻي آيو. هن چيو ته گذريل 10 سالن ۾ سي پيڪ پاڪ??تا?? جي سماجي ۽ اقتصادي رفتار جي بنياد جي طور تي اڀريو آهي، جنهن سان اسان کي توانائي جي کوٽ کي ختم ڪرڻ، اعليٰ معيار جي بنيادي ڍانچي جي تعمير ۽ نه رڳو پاڪ??تا?? جي مختلف خطن ۾ پر پاڙيسري ملڪن سان رابطي ۽ انضمام کي فر??غ ڏيڻ ۾ مدد ملي آهي. هن چيو ته اسان جي لاءِ سي پيڪ رڳو مختلف منصوبن جو مجموعو نه آهي پر خوشحالي ۽ گڏيل ترقي جي علامت آهي، اهو غربت، بيروزگاري ۽ پسماندگي جي خلاف اسان جي اڻٿڪ جدوجهد جو عڪاس آهي. وزيراعظم چيو ته جتي سي پيڪ جو پهريون مرحلو ترقي جي هارڊ ويئر کي ٺيڪ ڪرڻ بابت هو، اتي ايندڙ ٻيو مرحلو زراعت، تعليم، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، مهارت جي تر??ي، جدت، صنعتڪاري، اقتصادي تر??ي، صحت جي شعبن تي ڌيان ڏئي ترقي جي سافٽ ويئر کي اپ گريڊ ڪندو. هن چيو ته هن موقعي تي صدر شي جن پنگ ۽ وزيراعظم نواز شريف کي بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو جي فليگ شپ منصوبي جي طور تي سي پيڪ جو تصور پيش ڪرڻ ۽ ان تي عملدرآمد ڪرڻ ۾ انهن جي اهم ڪردار تي زبردست خراج تحسين پيش ڪرڻ چاهيان ٿو. صدر شي جن پنگ جي عالمي قيادت ۽ گڏيل ترقي جو ويزن اسان جي دنيا خاص طور تي گلوبل سائوٿ جي بهتري ۾ تمام اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هن چيو ته بطور وزيراعظم آئون سي پيڪ جي راهه ۾ ايندڙ سمورين رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ ۽ ان کي ٻيهر پٽڙي تي آڻڻ ۾ پنهنجو عاجزاڻو ڪردار ادا ڪندي خوش آهيان. چين ۽ پاڪ??تا?? گڏجي نه رڳو پنهنجي ماڻهن جي پر خطي جي تقدير جو پڻ تعين ڪندا.
سي پيڪ سان پاڪستان کي توانائي بحران تي ضابطو آڻڻ سميت پاڪستان جي مختلف خطن ۽ پاڙيسري ملڪن سان رابطي کي فروغ ڏيڻ ۾ مدد ملي آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : پاور بال جیتنے کے طریقے