اسلام آباد – 04 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان سعودي عرب ۾ پاڪستان ??ي نامزد سفير احمد فاروق ملاقات ڪئي. صدر نامزد سفير کي تڪراري ڄمون ۽ ڪشمير ۽ ڀارت ۾ مسلمانن تي ٿيندڙ ظلم ۽ ڏاڍ کي مختلف فورمن تي اجاگر ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب ان موقعي تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته سعودي عرب ??ان اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپا وڌيڪ ??ضبوط بڻائڻ جي ضرورت آهي، ٻنهي ڀائر ملڪن جي گڏيل فائدي جي لاءِ واپاري ۽ اقتصادي تعاون کي وڌيڪ ??روغ ڏيڻو پوندو. هن چيو ته پاڪستان سعودي عرب ??ان پنهنجي لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو، ٻطرفا لاڳاپا گڏيل عقيدي، تاريخ ۽ عوام جي عوام سان رابطن تي ٻڌل آهن، پاڪستان ٻنهي ملڪن جي گڏيل مفاد جي لاءِ موجوده ٻطرفن لاڳاپن کي اسٽريٽجڪ اقتصادي حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ چاهي ٿو. هن چيو ته نامزد سفير ٻطرفن رابطن کي وڌيڪ ??ضبوط بڻائڻ جي لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪري.
صدر سان سعودي عرب ۾ پاڪستان جي نامزد سفير احمد فاروق جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : آزاد کشمیر لاٹری