اسلام آباد– 23 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي مسجدن کي فجر کان ظهر تائين اسڪول طور استعمال ??رڻ جي تجويز ڏيندي چيو آهي ته اسڪولن ۾ ٻارن جي سئو سيڪڙو داخلا کي يقيني بڻائڻ ۽ ملڪ ۽ قوم جي تيز رفتار سماجي ۽ اقتصادي ترقي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ احتياطي صحت جي طريقيڪار کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ نوان دڳ اختيار ڪرڻ گهرجن. اهڙن خيالن جو اظهار هن انساني ترقي بابت قومي ڪميشن (ا??ن سي ايڇ ڊي) جي چيئرمين ڪرنل (ر) ڊاڪٽر اميرالله مروت سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ان موقعي تي پاڪستان هيومن ڊيولپمينٽ فنڊ جو چيئرمين ڊاڪٽر نسيم اشرف ۽ ا??ن سي ايڇ ڊي جا سينيئر ميمبر پڻ موجود هئا. صدر ملڪ جي رڳو 68 سيڪڙو ٻارن جي پرائمري سطح تي اسڪولن ۾ داخلا جي شرح تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته اسڪولن ۾ ٻارن جي 100 سيڪڙو داخلا کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ نوان دڳ اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي، عوام ۽ ملڪ جي تيز رفتار سماجي ۽ اقتصادي ترقي يقيني بڻائڻ جي لاءِ احتياطي صحت جي طريقيڪار کي فروغ ڏيڻو پوندو. صدر چيو ته اسڪولن ۾ ٻارن جي 100 سيڪڙو داخلا کي يقيني بڻائڻ ضروري آهي. ان سلسلي ۾ وڌ کان وڌ ٻارن کي تعليم جي فراهمي جي لاءِ مسجدن کي فجر کان ظهر تائين بطور اسڪول استعمال ??ري سگهجي ٿو، جتي ممڪن هجي تعليم جي هائبرڊ طريقن کي استعمال ??رڻ گهرجي. صدر مقامي سطح تي تعليم جي فراهمي، رسمي ۽ غيررسمي تعل??م ۽ هنرمندي جي فروغ جي پرگرامن کي استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو ۽ چيو ته نوجوانن کي قابل قدر هنر فراهم ڪرڻ جي لاءِ جديد انفارميشن ٽيڪنالاجي ٽولز اختيار ڪيا وڃن، پروفيشنل ماڻهن ??ان ملڪ ۾ ئي فائدو کڻڻ جي لاءِ هڪ ٺوس نظام جي ضرورت آهي، ڊاڪٽرز، انجنيئرز، آءِ ٽي ماهرن سميت ٻين شعبن ۾ اعليٰ صلاحيت رکندڙ ماڻهن جي ذهانت، علم ۽ مهارت کي استعمال ۾ آڻڻو پوندو. هن چيو ته قيمتي انساني وسيلن جي زيان کي روڪڻ جي لاءِ ٺوس قدم ضروري آهن، ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستاني پنهنجي ميزبان ملڪن جي ترقي ۾ حصو وجهي رهيا آهن، آن لائين ۽ هائبرڊ پليٽ فارمز جي ذريعي سمنڊ پار پاڪستانين جي علم ۽ مهارت مان پاڪستان ۾ فائدو حاصل ڪرڻ گهرجي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته خاندان جي وڏي سائيز کي ڄم روڪ جي دوائن جي دستيابي، تعل??م ۽ معاشي حالت بهتر بڻائي مناسب وقت ۾ ڪافي حد تائين گهٽ ڪري سگهجي ٿو. صدر استادن ۽ صحت جي ڪارڪنن جي صلاحيت ۾ اضافي ۽ تربيت ۾ ا??ن سي ايڇ ڊي جي ڪردار کي ساراهيو. هن غربت جي خاتمي لاءِ اداري جي ڪوششن، تحقيقي مطالعن ۽ ڊ??ٽا گڏ ڪرڻ ۽ عالمي وسيلن کي متحرڪ ڪرڻ ۾ ڪردار کي پڻ ساراهيو ۽ ا??ن سي ايڇ ڊي کي قومي مقصد حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪوششن ۾ پنهنجي مڪمل تعاون جو يقين ڏياريو.
صدر پاران مسجدن کي اسڪول طور استعمال ڪرڻ جي تجويز، اسڪولن ۾ ٻارن جي سئو سيڪڙو داخلا کي يقيني بڻائڻ ۽ ملڪ ۽ قوم جي تيز رفتار سماجي ۽ اقتصادي ترقي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ احتياطي صحت جي طريقيڪار کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ نوان دڳ اختيار ڪرڻ گهرجن: ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : را کی کتاب