اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جمهوريه ڪينيا جي صدر وليم روٽو کي ٽيليفون ڪئي ۽ سينيئر صحافي ارشد شريف جي مارجي وڃڻ جي واقعي جي غيرجانبداراڻي ۽ شفاف جاچ تي زور ڏنو. جڏهن ته ڪينيا جي صدر واق??ي تي افسوس ڪندي انصاف جو?? گهرجون پوريون ڪرڻ ۽ ميت جي واپسي جي عمل کي تيز بڻائڻ جي خاطري به ڪرائي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم پاڪستاني قوم ۽ ميڊيا برادري پاران واق??ي تي شديد ڳڻتي کان ڪينيا جي صدر کي آگاهه ڪيو. وزيراعظم ??رح??م ارشد شريف جي ميت جي جلد واپسي لاءِ ضابطي جي ڪارروائي جلد مڪمل ڪرڻ جي درخواست ڪئي. بيان موجب ڪينيا جي صدر واق??ي تي افسوس جو اظهار ڪندي انصاف جو?? گهرجون پوريون ڪرڻ جي خاطري ڪرائي. ڪينيا جي صدر واقعي جي جاچ رپورٽ جلد فراهم ڪرڻ ۽ ??رح??م ارشد شريف جي ميت جي واپسي جي عمل کي تيز بڻائڻ جي خاطري پڻ ڪرائي.
وزيراعظم جي ڪينيا جي صدر کي ٽيليفون، سينيئر صحافي ارشد شريف جي مارجي وڃڻ جي واقعي جي غيرجانبداراڻي ۽ شفاف جاچ تي زور
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے بہترین ٹکٹ