اسلام آباد – 17 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته مسيحي برادري پاڪستان ۾ تعليم، صحت ۽ دفاع ??مي?? سمورن شعبن ۾ غيرمعمولي خدمتون سرانجام ڏنيون آهن، مسيحي برادري ??مي?? سمورا غيرمسلمان پاڪستاني اسان جو فخر جوڳو ا??اثو ۽ قوت آهن، اسان پنهنجي غيرمسلم پاڪستانين جي ترقي، ڀلائي ۽ انهن کي آئيني حقن جي فراهمي يقيني بڻائڻ جو عزم رکون ٿا. اهڙن خيالن جو ا??هار وزيراعظم محمد شهباز شريف ايسٽر جي تهوار جي موقعي تي پاڪستان ۽ سڄي دنيا جي مسيحي برادري کي مبارڪباد وارو پيغام ڏيندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته مسيحي برادري کي ايسٽر جي خوشين جي مبارڪباد ڏيون ٿا ۽ نيڪ خواهشن جو ا??هار ڪريون ٿا. هن چيو ته حضرت عيسيٰ عه سان والهاڻي محبت ۽ عقيدت مسيحن ۽ مسلمانن جي وچ ۾ هڪ تمام وڏو گڏيل قدر آهي. وزيراعظم جو چوڻ هو ته مسيحي برادري پاڪستان قائم ٿيڻ کان وٺي تعمير پاڪستان تائين هر مرحلي تي تا??يخ?? ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چيو ته هن تهوار تي پاڪستان جي ترقي، دنيا ۾ امن ۽ محبت جي فروغ، تڪرارن ۽ نفرتن جي خاتمي جي خصوصي دعا جي اپيل ڪريان ٿو.
مسيحي برادري پاڪستان ۾ تعليم، صحت ۽ دفاع سميت سمورن شعبن ۾ غيرمعمولي خدمتون سرانجام ڏنيون آهن: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : فا فا فا ۔